فيصل آباد-19 جنوري (اي پي پي) سياسي ۽ عوامي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب نوجوانن کي تعليم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي بااختيار بڻائڻ خود ڪفيل پاڪستان جي تعمير لاءِ اڻٽر آهي. هو هتي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 1934 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب …
ٽيڪنالاجي ذريعي نوجوانن کي بااختيار بنائڻ خود ڪفيل پاڪستان جي تعمير لاءِ اڻٽر آهي: راڻا ثناءُ الله

مزید خبریں
فيصل آباد-19 جنوري (اي پي پي) سياسي ۽ عوامي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب نوجوانن کي تعليم، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي بااختيار بڻائڻ خود ڪفيل پاڪستان جي تعمير لاءِ اڻٽر آهي. هو هتي گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي فيصل آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 1934 شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته نوجوان ڪنهن به ملڪ ۽ قوم جو قيمتي اثاثو هوندا آهن ۽ ليپ ٽاپ جي ورهاست جو هي قدم پاڪستان جي روشن مستقبل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ٽيم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ان اسڪيم جو بنيادي مقصد ميرٽ کي هٿي ڏيڻ ۽ باصلاحيت شاگردن کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته ڊجيٽل دؤر ۾ ٽيڪنالاجي اڻٽر ٿي چڪي آهي ۽ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ تقريبن 6 لک ليپ ٽاپس ورهائجي چڪا آهن. هن ٻُڌايو ته گذريل سال هڪ لک ليپ ٽاپس فراهم ڪيا ويا، جن مان 58 هزار ليپ ٽاپس شاگردياڻين کي ڏنا ويا جنهن سان تعليم، تحقيق ۽ روزگار جي موقعن ۾ نمايان بهتري آئي. هن چيو ته ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ اعزاز سان گڏوگڏ ذميداري به آهي ۽ شاگردن کي گهرجي ته هو ان سهولت کي مثبت انداز ۾ تعليم، جدت ۽ تحقيق لاءِ استعمال ڪن. هن زور ڀريو ته موجوده دؤر خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي زماني ۾ تحقيق ۽ تصديق اڻٽر ٿي چڪي آهي، جيڪي معاشري جي تنقيدي سوچ ۽ حقيقتن تي ٻَڌل تحقيق کان پري ٿي وڃن ٿا، اهي جلد زوال جو شڪار ٿي وڃن ٿا. سوشل ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارمز ڪنهن به قوم جي مجموعي رُخ جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ عام راءِ تي گهرا اثر ڇڏين ٿا. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ پروپيگنڊا جي حد کان وڌيڪ استعمال سماجي قدرن کي نقصان پهچايو، ان ڪري نوجوانن کي ڊجيٽل دنيا ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. علائقائي سلامتي جي صورتحال جو حوالو ڏيندي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان سرخرو ٿيو، جتي پاڪ فضائيه جي ٽيڪنالاجي سان شهادت جي جذبي فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته تڪرار دوران ڀارتي ميڊيا ڪوڙي ۽ من گهڙت دعوائن سبب ڀارت کي عالمي سطح تي بدنامي جو مُنهن ڏسڻو پيو، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا حقيقتن ۽ سچائيءَ کي اجاگر ڪيو.











