اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سان برطانيه جي ويسٽ هيم يونائيٽيڊ لنڊن جي پريميئر ليگ جي ڪوچ راشد ابا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾ فٽبال جي راند کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن لاءِ آئوٽ ڊور راندين کي …
سينيٽ چيئرمين سان برطانيه سان فيسٽ هيم يونائيٽيڊ لنڊن جي پريميئر ليگ جي ڪوچ راشد ابا جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلانيءَ سان برطانيه جي ويسٽ هيم يونائيٽيڊ لنڊن جي پريميئر ليگ جي ڪوچ راشد ابا ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾ فٽبال جي راند کي هٿي وٺرائڻ ۽ ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان جي نوجوانن لاءِ آئوٽ ڊور راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ فٽبال جو ٽيلنٽ موجود آهي ۽ نوجوان فٽبال جي راند ۾ خاص دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان لاءِ وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪيا وڃن. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ به فٽبال ۽ ٻين راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم جي ضرورت آهي. عالمي ڪوچز ۽ ماهرن جي سرپرستي ۾ راندين ۽ صحتمند سرگرمين لاءِ گڏجي ڪوششون ڪري سگهجن ٿيون. هن راشد ابا جي ڪوششن کي ساراهيو. راشد ابا جيڪو عالمي شهرت يافته فٽبال ڪوچ آهي، هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستان جي دؤري تي آهي. ملاقات ۾ راشد ابا سان گڏ مسلم هينڊز جا نمائندا به موجود آهي. اداري جي نمائندن ناليواري ڪوچ جي دؤري جي مقصدن ۽ فٽبال راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. سينيٽ چيئرمين مسلم هينڊز جي فٽبال جي راند ذريعي آئوٽ آف اسڪول ٻارن ۽ اسٽريٽ چلڊرين کي مثبت سرگرمين ۾ مصروف رکڻ جي عزم کي ساراهيو. ان موقعي تي عالمي شهرت يافته ڪوچ راشد ابا سينيٽ چيئرمين کي ويسٽ هيم يونائيٽيڊ جي شرٽ به پيش ڪئي.











