مڪاني ادارن جون چونڊون وقت سر ڪرائڻ لاءِ قانونسازيءَ جي سفارش ڪئي آهي: اليڪشن ڪميشن جو ترجمان

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ لاءِ قانونسازيءَ جي سفارش ڪئي وئي آهي. لوڪل گورنمينٽس ملڪي جمهوري ادارن جو اهم ٿنڀ آهن جيڪي مقامي سطح تي ماڻهن کي سهولتون ۽ سندن مسئلا حل ڪن ٿا. ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اليڪشن ڪميشن ان کي قومي مسئلو سمجهندي اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 219 ۾ ترميم لاءِ گورنمينٽ کي …

اسلام آباد-19 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن طرفان مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ لاءِ قانونسازيءَ جي سفارش ڪئي وئي آهي. لوڪل گورنمينٽس ملڪي جمهوري ادارن جو اهم ٿنڀ آهن جيڪي مقامي سطح تي ماڻهن کي سهولتون ۽ سندن مسئلا حل ڪن ٿا. ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اليڪشن ڪميشن ان کي قومي مسئلو سمجهندي اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 219 ۾ ترميم لاءِ گورنمينٽ کي سفارشون موڪليون آهن جن ۾ گورنمينٽ کي چيو ويو آهي ته مقامي حڪومتن جي مُدي جي پڄاڻي يا ختم ٿيڻ وقت لوڪل گورنمينٽ قانون جيڪي به هجن، ان موجب چونڊون ڪرائڻ گهرجن. ياد رهي ته اهي سفارشون ان لاءِ موڪليون ويون آهن ته ڪابه حڪومت مڪاني چونڊون وقت سر ڪرائڻ نٿي چاهي، جڏهن ته مڪاني چونڊون ڪرائڻ وفاقي صوبائي حڪومتن ۽ اليڪشن ڪميشن جي گڏيل ذميداري آهي.

مزید خبریں