ايبٽ آباد ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا

ايبٽ آباد-19 جنوري (اي پي پي) ايبٽ آباد ۽ ڀرپاسي ۾ سومر ڏينهن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو. زلزلي جا لوڏا ڪجهه سيڪنڊن تائين محسوس ٿيندا رهيا، جڏهن ته شهر ۾ ڪنهن قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جي اطلاع نه مليا. زلزلو محسوس ٿيندي ئي شهري ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا. ضلعي انتظاميه جو …

ايبٽ آباد-19 جنوري (اي پي پي) ايبٽ آباد ۽ ڀرپاسي ۾ سومر ڏينهن زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو. زلزلي جا لوڏا ڪجهه سيڪنڊن تائين محسوس ٿيندا رهيا، جڏهن ته شهر ۾ ڪنهن قسم جي جاني ۽ مالي نقصان جي اطلاع نه مليا. زلزلو محسوس ٿيندي ئي شهري ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن کان ٻاهر نڪري آيا. ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته زلزلو مقامي وقت مطابق 11 لڳي 21 منٽ تي آيو، جنهن جي شدت 5.6 هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز بريشال گلگت بلتستان هو. ريسڪيو ۽ ضلعي انتظاميه، صورتحال کي نظر ۾ رکندي شهرين کي افواهن کان پاسو ڪرڻ ۽ سرڪاري ذريعن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

مزید خبریں