ڊجيٽل نيشن پاڪستان جامع ويزن آهي، حڪومتي نظام کي مرحليوار ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي: خرم شهزاد

لاهور-19 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ”ڊجيٽل نيشنل پاڪستان“ صرف هڪ منصوبو ناهي پر هڪ جامع ويزن آهي جنهن تحت حڪومتي نظام کي مرحليوار مڪمل طور ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي. هو ايڪسپو سينٽر ۾ رٿيل 27هين آءِ ٽي سي اين ايشيا جي موقعي تي فن ٽيڪ فارورڊ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. خرم شهزاد چيو ته هن وقت 99 …

لاهور-19 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته ”ڊجيٽل نيشنل پاڪستان“ صرف هڪ منصوبو ناهي پر هڪ جامع ويزن آهي جنهن تحت حڪومتي نظام کي مرحليوار مڪمل طور ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي. هو ايڪسپو سينٽر ۾ رٿيل 27هين آءِ ٽي سي اين ايشيا جي موقعي تي فن ٽيڪ فارورڊ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. خرم شهزاد چيو ته هن وقت 99 سيڪڙو فائلون هڪ وزارت کان ٻي وزارت ۾ ڊجيٽل طريقي سان منتقل ٿي رهيون آهن، جنهن سان فائلن جي ضايع ٿيڻ يا دير جهڙن مسئلن جو خاتمو ٿي ويو آهي، هاڻ ڪوبه اهو مؤقف اختيار نه ڪندو ته ان کي فائل نه مليو ڇاڪاڻ ته ٽريڪنگ سسٽم ذريعي هر مرحلي جي نگراني ٿي آهي جنهن سان نظام ۾ شفافيت ۽ جوابدهيءَ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. خرم شهزاد چيو ته حڪومت جو واضح هدف آهي ته 120 ملين اڪائونٽس ۽ حڪومت کان حڪومت (جي ٽو جي) سان سمورن معاملن کي 100 سيڪڙو ڊجيٽل بڻايو وڃي، جڏهن ته هلندڙ سال پورو حڪومتي نظام ڊجيٽل بنيادن تي اچي ويندو. هن چيو ته ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪرپٽو هولڊر کي ٽيڪس ۾ رعايتون ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف آپشنز بحث هيٺ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خرم شهزاد ٻُڌايو ته انڊسٽريل پاليسيءَ تحت سيڙپڪارن کي خصوصي رعايتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ايس ايم اِيز، زراعت ۽ نوجوانن کي ڪاروبار جي شروعات لاءِ ننڍا قرض ڏنا پيا وڃن ته جيئن هو پاڻڀرا ٿي سگهن. هن چيو ته هنرمند ماڻهن جي همٿ افزائيءَ لاءِ اسڪل بانڊز به جاري ڪيا پيا وڃن. خرم شهزاد ڊجيٽل معيشت ۾ حڪومت جي ڪردار تي زور ڀريندي چيو ته حڪومت جي بنيادي ذميداري جدت لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز لاءِ معاون پاليسي جوڙڻ آهي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ فعال طور تي پاليسيون جوڙي رهي آهي، خاص ڪري جديد مالياتي ۽ ڊجيٽل شعبن ۾ نوان موقعا پيدا ڪيا پيا وڃن. عالمي روشنيءَ تي ڳالهائيندي هن ٻُڌايو ته بٽ ڪوائن جي عالمي سپلاءِ تقريبن 21 ملين تائين محدود آهي جنهن سبب ڊجيٽل اثاثا اڄ جي عالمي مالياتي منظرنامي ۾ غير معمولي اهميت اختيار ڪري چڪا آهن. هن چيو ته دستياب رپورٽس موجب پاڪستان ۾ بٽ ڪوائن پهرين کان جاري آهي جيڪو ان شعبي ۾ ملڪ اندر وڌندڙ دلچسپي ۽ فني صلاحيتن جي عڪاسي ڪري ٿو. ريگيوليٽري ۽ اداره جاتي معاملن تي ڳالهائيندي هن چيو ته ڪرپٽو اثاثن کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۽ بهتر طور سمجهڻ لاءِ هڪ خصوصي فريم ورڪ يا اٿارٽي جي قيام تي غور ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪستان ان ميدان ۾ شروعاتي مرحلي ۾ آهي. هن گڏيل عرب امارتن جو مثال ڏيندي چيو ته اُتي ورچوئل اثاثن لاءِ هڪ منظم ۽ مؤثر نظام پهرئين کان موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان به عالمي بهترين تجربن مان سکندي محتاط پر پُراعتماد انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. سيشن جي پڄاڻيءَ تي متوازن پاليسي سازي، جدت، ريگيوليشنز ۽ عالمي بهترين طريقن جي اهميت تي زور ڀريو ويو.

مزید خبریں