سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ملاقات

اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ موجود هئا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ملاقات سينيٽ چيئرمين جي سرڪاري رهائشگاهه تي ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تازو …

اسلام آباد- 19 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ملاقات ڪئي، ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن پڻ موجود هئا. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ملاقات سينيٽ چيئرمين جي سرڪاري رهائشگاهه تي ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تازو ئي اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس (آءِ ايس سي) جو ڊيجيٽل البم سينيٽ چيئرمين کي پيش ڪيو جنهن ۾ ڪانفرنس جي اهم لمحن، عالمي سطح تي شرڪت ڪندڙ معزز اسپيڪرز ۽ پارليامينٽرينز، سيشنز ۽ ٻين سرگرمين کي محفوظ ڪيو ويو آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪانفرنس جي شاندار ميڊيا ڪوريج ۽ موثر تشهير تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ سندس پوري ٽيم جا ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته ڪانفرنس جا مثبت اثر هاڻي واضح طور تي سامهون اچي رهيا آهن ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو تشخص وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. سينيٽ چيئرمين  چيو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جو مرڪزي موضوع امن، سلامتي ۽ ترقي هو جنهن تحت اسلام آباد پڌرنامو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته پڌرنامي ۾ عالمي امن جي فروغ، پائيدار ترقي ۽ گڏيل قومن جي اصولن جي روشني ۾ هڪ منصفاڻو ۽ مستحڪم عالمي نظام قائم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. سيد يوسف رضا گيلاني اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي معاونت ۽ پيشيواراڻي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اسلام آباد ۾ منعقد بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي ميزباني سينيٽ آف پاڪستان ڪئي جڏهن ته ان جي قيادت سينيٽ چيئرمين پاڻ ڪئي. هن ان ڪانفرنس کي پارلياماني سفارتڪاري جي فروغ ۾ هڪ سنگ ميل قرار ڏنو. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا مان معزز اسپيڪرز ۽ پارليامينٽرينز شرڪت ڪئي ان کي هڪ تاريخي ۽ فيصلائتي اڳڀرائي بڻائي ڇڏيو جنهن سان مختلف ملڪن جي وچ ۾ مڪالمي، تعاون ۽ گڏيل اعتماد کي فروغ مليو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسپيڪرز ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد سان عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ٿيو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي قيادت ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي مختلف ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو جيڪا پاڪستان جي پرڏيهي ۽ پارلياماني حڪمت عملي جي وڏي ڪاميابي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته سندس وزارت اڳتي به قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف ۽ ڪاميابين کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪندي رهندي.

مزید خبریں