پاڪستاني عورتن محدود وسيلن کي موقعن ۾ بدلائي ملڪي معيشت ۾ هڪ خاموش پر طاقتور انقلاب آندو آهي: هارون اختر خان

اسلام آباد -19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص معاون هارون اختر خان چيو آهي، ته پاڪستان جي عورتن محدود وسيلن کي موقعن ۾ بدلائي ملڪي معيشت ۾ هڪ خاموش پر طاقتور انقلاب آندو آهي، ٻهراڙي وارن علائقن کان وٺي شهري مرڪزن تائين عورتون ڪاروبار، صنعت ۽ واپار ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ قومي ترقي ۾ فخر جوڳو حصو وجهي رهيون آهن. …

اسلام آباد -19 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص معاون هارون اختر خان چيو آهي، ته پاڪستان جي عورتن محدود وسيلن کي موقعن ۾ بدلائي ملڪي معيشت ۾ هڪ خاموش پر طاقتور انقلاب آندو آهي، ٻهراڙي وارن علائقن کان وٺي شهري مرڪزن تائين عورتون ڪاروبار، صنعت ۽ واپار ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ قومي ترقي ۾ فخر جوڳو حصو وجهي رهيون آهن. هن جوائنٽ پاڪستان- آذربائيجان وومين انٽر پرينيوئرشپ ڊائلاگ ۾ مهمان خاص جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. هارون اختر خان چيو ته  قائداعظم محمد علي جناح جو ويزن اڄ به اسان جي رهنمائي ڪري ٿو ۽ عورتن جي شموليت کان سواءِ قومي ترقي ممڪن ناهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف عورتن کي معاشري جو معمار ۽ معيشت جو اصل محرڪ قرار ڏيندو آهي. هارون اختر خان چيو ته تعليم، صحت، ڪاروبار ۽ پبلڪ سروس جي شعبن ۾ عورتن پنهنجون صلاحيتون ڀرپور نموني مڃرايون آهن، جڏهن ته عورتن کي ڪاروباري ماڻهن جي فنانس تائين پهچ، ڊجيٽل سهولتن ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ شموليت جهڙين  چئلينجن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. هن موجب انهن ڏکيائين باوجود عورتون صبر ۽ تخليقي صلاحيت سان اڳيان وڌي رهيون آهن. هارون اختر خان چيو ته حڪومت عورتن جي معاشي شموليت رڳو هڪ خواهش نه پر قومي معاشي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. اسان جي ترجيح صرف شموليت نه پر عورتن کي قيادت، ڪاروباري وسعت ۽ عالمي هڪجهڙائي ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۽ سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز ڊولپمينٽ اٿارٽي عورتن جي قيادت ۾ ڪاروبار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان پهريون ڀيرو نيشنل وومين انٽر پرينيوئرشپ پاليسي متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي. نيشنل انڊسٽريل پاليسي ۾ به عورتون ڪاروباري ماڻهن کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي. هن اسلام آباد وومين چيمبر ۽ آذربائيجان پاڪستان جوائنٽ چيمبر جي سهڪار کي سٺو  سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته ان سان پاڪ – آذربائيجان لاڳاپن ۾ عورتن جي قيادت ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل، زراعت، آءِ ٽي، سياحت ۽ تخليقي صنعتن ۾ عورتون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هارون اختر خان چيو ته پائيدار ترقي ۽ عالمي هڪجهڙائي لاءِ عورتن جي ڪاروبار کي معاشي حڪمت عملي جي مرڪز ۾ رکڻو پوندو ۽ حڪومت عورتن لاءِ هڪ سازگار، جامع ۽ عالمي معيار جو ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں