بلوچستان جي وڏي وزير پاران ڪراچي جي گل پلازه شاپنگ سينٽر ۾ باهه جي واقعي تي افسوس جو اظهار

ڪوئيٽا- 19 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، ڪراچي جي گل پلازه شاپنگ سينٽر  ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سي ايم هائوس مان جاري بيان مطابق وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته شاپنگ سينٽر ۾ باهه سبب قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ ۽ وڏي پيماني تي ٿيل مالي نقصان سان دل ڏکويل آهي، …

ڪوئيٽا- 19 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، ڪراچي جي گل پلازه شاپنگ سينٽر  ۾ باهه لڳڻ جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سي ايم هائوس مان جاري بيان مطابق وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته شاپنگ سينٽر ۾ باهه سبب قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ ۽ وڏي پيماني تي ٿيل مالي نقصان سان دل ڏکويل آهي، اهو المناڪ سانحو آهي جنهن نه صرف متاثره خاندانن پر پوري قوم کي ڏکوئي ڇڏيو آهي. مير سرفراز بگٽي واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏئي ۽ سوڳوار خاندانن کي صبر عطافرمائي. هن، زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي.

مزید خبریں