سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 600 روپين جي گهٽتائي

اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون 600 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 81 هزار 862 روپيه في تولو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 600 روپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ في تولو سون 4 لک 81 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 515 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 13 هزار 633 رپين …

اسلام آباد- 17 جنوري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون 600 روپين جي گهٽتائي سان 4 لک 81 هزار 862 روپيه في تولو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ڇنڇر ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 600 روپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ في تولو سون 4 لک 81 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 515 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 13 هزار 633 رپين جي ڀيٽ ۾ 4 لک 13 هزار 118 روپين تائين گهٽ ٿي وئي. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 772 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 79 هزار 177 رپين جي ڀيٽ ۾ 3 لک 78 هزار 705 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي في تولو قيمت به 43 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 9482 روپيه ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 37 روپيه گهٽتائي کانپوءِ 8129 رپيا ٿي وئي.

مزید خبریں