صدر آصف علي زرداري بحرين جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپس روانو

منامه - 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحرين جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. منامه هوائي اڏي تي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني صدر کي رخصت ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جي بحرين جي دوري دوران پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اقتصادي تعاون …

منامه – 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بحرين جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. منامه هوائي اڏي تي بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني صدر کي رخصت ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جي بحرين جي دوري دوران پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اقتصادي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي اهم اڳڀرائي ٿي. ان دوري جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ پراڻي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي فروغ ڏيڻ هو. ان موقعي تي صدر بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه، گهرو وزير ليفٽيننٽ جنرل شيخ راشد بن عبدالله الخليفه ۽ ماليات ۽ قومي معيشت واري وزير شيخ سلمان بن خليفه الخليفه سان ملاقاتون ڪيون. هن بحرين سان ٻطرفي حصيداري جا نوان امڪان اجاگر ڪرڻ سميت مستقبل ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں