صدر آصف علي زرداري پاران خاران ۾ فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خاران ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته وقت سر ۽ موثر ردعمل سان وڏي نقصان جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خاران ۾ ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الهندستان جي دهشتگردن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته وقت سر ۽ موثر ردعمل سان وڏي نقصان جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيان ٿو، عزم آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ناپاڪ ارادن کي هر صورت ۾ ناڪام بڻايو ويندو، رياست ملڪ دشمن عنصرن کي پوري طاقت سان جواب ڏيندي رهندي.

مزید خبریں