ادب معاشري جي فڪري ۽ اخلاقي رُخ طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو: اورنگزيب خان کچي

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سڄي ملڪ جي ادبي تنظيمن کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ادب معاشري جي فڪري ۽ اخلاقي رُخ طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي شيخ اياز ڪانفرنس هال ۾ نوجوان ليکڪن لاءِ ٻئي 10 ڏينهن واري بين الصوبائي …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي سڄي ملڪ جي ادبي تنظيمن کي مڪمل تعاون فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ادب معاشري جي فڪري ۽ اخلاقي رُخ طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي شيخ اياز ڪانفرنس هال ۾ نوجوان ليکڪن لاءِ ٻئي 10 ڏينهن واري بين الصوبائي رهائشي پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ليکڪ قوم کي صحيح رستو ڏيکارڻ ۽ معاشرتي شعور اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ان لاءِ حڪومت ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. ان موقعي تي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز جي چيئرمين ڊاڪٽر نجيبه عارف، ڏکڻ پنجاب مان وڌيڪ ليکڪن کي سامهون آڻڻ ۽ انهن جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته مشڪلاتن باوجود جدوجهد جاري رکڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اصل صلاحيت پاڻيءَ وانگر پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي ٿي. هن نئين ادبي ٽيلنٽ جي ڳولا ۽ تربيت لاءِ پي اي ايل جي ڪوششن کي ساراهيو.

مزید خبریں