قومي پيغام امن ڪميٽي مختصر عرصي ۾ قومي بيانيي جي جوڙجڪ خاص طور تي دهشتگردي جي حوالي سان معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي پيغام امن ڪميٽي مختصر عرصي ۾ قومي بيانيي جي جوڙجڪ خاص طور تي دهشتگردي جي حوالي سان معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو، امن جو پيغام کڻي پوري ملڪ ۾ وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي پيغام امن ڪميٽي جي ميمبرن جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران …

اسلام آباد- 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته قومي پيغام امن ڪميٽي مختصر عرصي ۾ قومي بيانيي جي جوڙجڪ خاص طور تي دهشتگردي جي حوالي سان معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪيو، امن جو پيغام کڻي پوري ملڪ ۾ وينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي پيغام امن ڪميٽي جي ميمبرن جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي اجازت ۽ منظوري سان قومي پيغام امن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ان ڪميٽي ۾ سمورن مڪتبه فڪر جي عالمن، مشائخ ۽ اقليتن جي اهم اڳواڻن کي شامل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪميٽي تمام گهٽ عرصي ۾ وڏو فعال ڪردار ادا ڪيو آهي، قومي بيانيي جي جوڙجڪ خاص طور تي دهشتگردي جي حوالي سان معاملن ۾ ڪميٽي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته امن جو پيغام کڻي پوري ملڪ ۾ وينداسين، ڪميٽي جي مينڊيٽ تحت صوبائي ڪميٽين ۽ پوءِ ضلعي ڪميٽين جو قيام عمل ۾ آندو ويندو.

مزید خبریں