ٻارن جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تائين وڌندڙ ۽ غيرمنظم پهچ نهايت سنگين مسئلو آهي، رياستي ادارن کي گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو آهي ته 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تائين وڌندڙ ۽ غيرمنظم پهچ نهايت سنگين مسئلو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن رياستي ادارن کي گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. سينيٽر فلڪ ناز ۽ ٻين طرفان ننڍي عمر جي ٻارن جي سوشل …

اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري ايوان کي ٻڌايو آهي ته 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تائين وڌندڙ ۽ غيرمنظم پهچ نهايت سنگين مسئلو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورن رياستي ادارن کي گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. سينيٽر فلڪ ناز ۽ ٻين طرفان ننڍي عمر جي ٻارن جي سوشل ميڊيا جي حد کان وڌيڪ ۽ غير نگراني ٿيل استعمال جي حوالي سان پيش ڪيل ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي وفاقي وزير چيو ته هي مسئلو سياسي اختلافن کان مٿانهون آهي ۽ نه ئي ان کي ڪنهن هڪ دور، هڪ حڪومت يا ڪنهن هڪ ڌر تائين محدود ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته هي مخالف ڌر ۽ حڪومت جو معاملو ناهي پر هڪ اجتماعي قومي مسئلو آهي. هن چيو ته سينيٽر فلڪ ناز طرفان اٿاريل نقطو بلڪل درست آهي ۽ ان تي لاڳاپيل پارلياماني فورم تي سنجيدگي سان غور ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته ڪو هڪ ادارو ان مسئلي کي اڪيلي سر حل نٿو ڪري سگهي ان لاءِ گهرو وزارت، تعليم واري وزارت، ايف آءِ اي سائبر ونگ، نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ ٻين ريگوليٽري ادارن جي گڏيل تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جا ملڪ اهڙي طرح جي مسئلن جي ور چڙهيل آهن. هن چيو ته هي مسئلو هر هنڌ وڌي رهيو آهي ۽ هن وقت تائين ڪو به ملڪ ان جو مڪمل يا مثالي حل ڳولي نه سگهيو. وفاقي وزير ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ڪيترين ئي سوشل ميڊيا ايپس ۾ ننڍي عمر جي تصديق جو  نظام موجود آهي پر ان تي عملدرآمد ڪمزور آهي جنهن لاءِ واضح قانونسازي ۽ گهڻ رخو تعاون اڻٽر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سينيٽ هڪ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪري ته حڪومت ان جي مڪمل حمايت ڪندي، اهڙي ڪميٽي ٻارن کي ڊجيٽل نقصانن کان بچائڻ لاءِ هڪ متحد، قومي ۽ جامع پاليسي جوڙي سگهي ٿي. ان کان اڳ ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪندي سينيٽر فلڪ ناز چيو ته لکين ننڍي عمر جا ٻار بنا نگراني جي ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، وي پي اين ۽ ٻيا پليٽ فارمز استعمال ڪري رهيا آهن جنهن سبب اهي نامناسب مواد، آن لائن هراساني، نفسياتي مسئلن ۽ خطرناڪ رجحانن جو شڪار ٿي رهيا آهن. هن تازي افسوسناڪ واقعن جن ۾ ثنا يوسف جو ڪيس به شامل آهي، جو حوالو ڏيندي چيو ته غير منظم سوشل ميڊيا جو استعمال ٻارن جي جان، ذهني صحت ۽ سماجي واڌ ويجهه لاءِ شديد خطرو بڻجو چڪو آهي.

مزید خبریں