اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جي عملي ۽ سينٽرن جي انگ ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، واٽس ايپ هيڪنگ ۽ جعلي ۽ فراڊ ڪالز جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي، فائر وال جو مقصد اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ ناهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران …
نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جي عملي ۽ سينٽرن جي انگ ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن: طلال چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-16 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي جي عملي ۽ سينٽرن جي انگ ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، واٽس ايپ هيڪنگ ۽ جعلي ۽ فراڊ ڪالز جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪئي پئي وڃي، فائر وال جو مقصد اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ ناهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران ارم حامد جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير ايوان کي ٻڌايو ته اين سي سي آءِ نئون ٺاهيل ادارو آهي، ان اداري لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته 2025ع ۾ هڪ لک 50 هزار شڪايتون آيون هيون ۽ ڪيترين ئي شڪايتن تي ڪيس هلي رهيا آهن، 2025ع جي ڪيسن ۾ اڃان تائين سزا ناهي ٿي. نعيمه ڪشور خان جي سوال تي هن چيو ته اسٽينگ فيچرز سبب واٽس ايپ هيڪنگ جون شڪايتون وڌي ويون هيون، واٽس ايپ ان فيچرز ۾ تبديلي ڪئي جنهن کانپوءِ شڪايتن ۾ هاڻي گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته انٽرنيٽ، جعلي ۽ فراڊ ڪالز کان آگاهي لاءِ قدم کنيا ويندا آهن جڏهن ته صارفين کي به پنهنجي ذميوارين جو مظاهرو ڪندي ڊيٽا ۽ ذاتي معلومات نه ڏيڻ گهرجي. شهريار آفريدي جي سوال تي هن چيو ته توهين جي نالي تي هڪ وڏي مافيا موجود آهي، هي هڪ حساس معاملو آهي، ان تي قدم کنيا ويا آهن، ڪيترائي ماڻهو جيلن مان به ڪڍيا ويا آهن ۽ کين رليف به ڏنو ويو آهي. شازيه مري جي سوال تي مملڪتي وزير چيو ته اين سي سي آءِ ۾ 523 رڪني عملو آهي، هي ٽيڪنيڪي نوعيت جو ڪم هوندو آهي، عملي ۽ اسٽيشنن جي انگ ۾ اضافي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اعجاز الحق ۽ عاليه ڪامران جي سوال تي هن چيو ته اهو درست آهي ته فراڊ مان حاصل ٿيل پئسو اڪائونٽس ۾ ويندا آهن، اسان ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ سان به رابطو ڪيو آهي، ماڻهو پنهنجا اڪائونٽ کولرائيندا آهن ۽ پوءِ اڳتي مسواڙ تي ڏيندا آهن فراڊ ڪندڙ ماڻهو اهي ئي اڪائونٽ مسواڙ تي حاصل ڪندا آهن، هي هڪ پورو چين آهي جنهن جي ازالي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. مرزا اختيار بيگ جي سوال تي هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ موبائيل ڪمپنين کي سمز جاري ڪرڻ لاءِ بايو ميٽرڪ جو پابند ڪيو ويو ويو هو. هاڻي ان ۾ فيس ريڪگنيشن ۽ ٻيا جديد سيڪيورٽي فيچرز آڻڻ لاءِ موبائيل ڪمپنين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اسامه ميله جي سوال تي مملڪتي وزير چيو ته فائر وال جو مقصد اظهار راءِ جي آزادي کي روڪڻ ناهي، هي ريگوليٽرز کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهي ويندي آهي، ان جو سائبر ڪرائيم سان ڪو به تعلق ناهي، ماضي ۾ پاڪستان ۾ آپريشن پهرين شروع ٿيندا هئا ۽ ريگوليشن بعد ۾ ٺهندا آيا آهن، جديد دنيا ۾ به فائر والز لاڳو آهي، اين سي سي آءِ تي اسان ايوان کي تفصيلي بريفنگ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. نعيمه ڪشور خان جي سوال تي هن چيو ته اشتهار کانپوءِ جيڪي ماڻهو پهرين کان ڊيلي ويجز ۽ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا هئا انهن کي ڪوڊل فارميلٽيز کانپوءِ مقرر ڪيو ويو هو، ڪنهن کي ٻيهر مقرر نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته اين سي سي آءِ جا صرف 15 اسٽيشنز آهن ۽ عملو به گهٽ آهي، ايندڙ سال تائين اين سي سي آءِ جا 64 اسٽيشنز ٺاهيا ويندا، هي ادارو اي آفيس جي طريقيڪار موجب ڪم ڪندو ۽ سڄي ڊيٽا موجود رهندي.











