صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه پاران سرڪاري مانجهاندي جو اهتمام

منامه - 15 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سرڪاري مانجهاندي جو اهتمام ڪيو. مانجهاندي جي تقريب صدر جي چئن ڏينهن جي بحرين جي سرڪاري دوري دوران منعقد ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان گڏ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه صدر …

منامه – 15 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جي اعزاز ۾ بحرين جي فرمانروا شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سرڪاري مانجهاندي جو اهتمام ڪيو. مانجهاندي جي تقريب صدر جي چئن ڏينهن جي بحرين جي سرڪاري دوري دوران منعقد ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر سان گڏ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه صدر کي شاهي اصطبل ۾ موجود خالص عربي نسل جا عالمي شهرت يافته گهوڙا ڏيکاريا. نجي اصطبل جي ان خصوصي دوري دوران صدر دنيا جي ناليواري گهوڙن جو معائنو ڪيو. صدر کي ٻڌايو ويو ته گهوڙن جي ورثي جي نمايان سرپرست جي حيثيت سان شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه قديم بحريني نسلن جي تحفظ جي ذاتي طور تي نگراني ڪري ٿو جن ۾ الدهمه، ڪوهيلات الجلابيه ۽ ڪوهيلات الافاص شامل آهن. اهي نسل پنهنجي ”اصيل“ حيثيت جي طور تي معروف ۽ پنهنجي رفتار، ذهانت ۽ مخصوص چمڪدار حُسن جي لاءِ سڃاتا وڃن ٿا. صدر آصف علي زرداري ناياب نسلن جي تحفظ جي لاءِ شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيندي ان جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته عربي النسل گهوڙا پاڪستان ۽ بحرين ٻنهي جي گڏيل ثقافتي ۽ اسلامي ورثي ۾ هڪ اهم ۽ مقدس مقام رکندڙ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ مضبوط لاڳاپن جي علامت آهي. خوشگوار ۽ پرخلوص ماحول ۾ منعقد ٿيندڙ ان مانجهاندي ۾ بحريني شاهي خاندان جي سينيئر ميمبرن ۽ اعليٰ سطحي پاڪستاني وفد شرڪت ڪئي.

مزید خبریں