اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) آذربائيجان پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ آذربائيجان- پاڪستان بين الپارلياماني لاڳاپن جي ورڪنگ گروپ جو پهريون ورچوئل اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. ان اجلاس جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ بين الپارلياماني رابطن کي وڌائڻ هو. پاڪستان آذربائيجان فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينيئر سيد رضا علي گيلاني (ايم اين اي) پاڪستاني وفد جي اڳواڻي …
پاڪستان- آذربائيجان پارلياماني فرينڊشپ گروپ ۽ آذربائيجان- پاڪستان بين الپارلياماني ورڪنگ گروپ جو پهريون ورچوئل اجلاس
اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) آذربائيجان پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ آذربائيجان- پاڪستان بين الپارلياماني لاڳاپن جي ورڪنگ گروپ جو پهريون ورچوئل اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. ان اجلاس جو مقصد ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ پارلياماني تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ بين الپارلياماني رابطن کي وڌائڻ هو. پاڪستان آذربائيجان فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينيئر سيد رضا علي گيلاني (ايم اين اي) پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي جنهن ۾ سحر ڪامران، محمد معين عامر پيرزاده، محترمه نعيمه ڪشور خان ۽ محترمه سيده آمنه بتول شامل هيون. آذربائيجان طرفان وفد جي اڳواڻي ملي مجلس (پارليامينٽ) جي آذربائيجان پاڪستان بين الپارلياماني لاڳاپن جي ورڪنگ گروپ جي سربراهه ڪمال الدين غفاروف ڪئي، جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ آرزو نغئيف، ب الشان موسايف، آمنه آغازاده، جيحون محمودف ۽ انار محمودف شامل هئا. پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ ڪمال الدين غفاروف آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ گهري دوستي ۽ ڀائيچاري ۽ يڪجهتيءَ تي روشني وڌي. هن آذربائيجان لاءِ پاڪستان جي اصولي مؤقف جو ذڪر ڪندي پاڪستان حڪومت ۽ عوام جي ثابت قدم مؤقف جي ساراهه ڪئي. هن هاڻوڪي اعليٰ سطحي ۽ پارلياماني رابطن کي ٻنهي ملڪن جي مضبوط ۽ ارتقا پذير ٻه طرفن لاڳاپن جي عڪاس قرار ڏنو. پاڪستان آذربائيجان فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينيئر سيد رضا علي گيلاني آذربائيجان سان پارلياماني ۽ اداره جاتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن واپار، معيشت، ثقافت، تعليم، نوجوانن جا رابطن ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن جي ڪردار تي زور ڀريو. هن ٺوس نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ باقائده پارلياماني رابطن ۽ مسلسل فالو اپ جي ضرورت تي زور ڀريو. سيد رضا علي گيلاني وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ويجهڙ ۾ ”پاڪستان آسان خدمت مرڪز“ جي افتتاح جو ذڪر ڪيو جيڪو آذربائيجان جي تعاون سان قائم ڪيو ويو آهي. هن آذربائيجان جي ”آسان خدمت مرڪز“ ماڊل تحت فراهم ڪيل خصوصي تربيت کي ساراهيو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط، ٻه طرفن لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. ٻنهي طرفان واپار، زراعت، سياحت، تعليم، تحقيق ۽ نوجوانن جي مٽاسٽا جي پروگرامن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڊگهي مُدي جي حصيداريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڳالهين، سکڻ جي گڏيل عمل ۽ پارلياماني سفارتڪاريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. ٻنهي ملڪن جي سفيرن ٻه طرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ۽ سفارتي رابطن جي مضبوطيءَ ۾ پارلياماني مٽاسٽا جي تعميري ڪردار جي اهميت واضح ڪئي. اجلاس جي پڄاڻي ان گڏيل عزم سان ٿي ته بهتر پارلياماني رابطا ويجهي هم آهنگي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ مسلسل تعاون ذريعي پاڪستان ۽ آذربائيجان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو.












