اسلام آباد - 15 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم خطي ۾ امن، مڪالمي ۽ ثالثي جي فروغ جي لاءِ قطر جي تعميري ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي سفارتي ذريعن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر جي بامعنيٰ ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفونڪ …
وزيراعظم خطي ۾ امن، مڪالمي ۽ ثالثي جي فروغ جي لاءِ قطر جي تعميري ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي سفارتي ذريعن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر جي بامعنيٰ ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي: پرڏيهي آفيس
اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته وزيراعظم خطي ۾ امن، مڪالمي ۽ ثالثي جي فروغ جي لاءِ قطر جي تعميري ۽ فعال ڪردار کي ساراهيندي سفارتي ذريعن سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر جي بامعنيٰ ڪوششن جو اعتراف ڪيو آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ قطري قيادت کي يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آزمايل ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چيو ته ان موقعي تي وچ اوڀر ۾ تازي صورتحال ۽ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته صدر آصف علي زرداري بحرين جي سرڪاري دوري تي آهي، صدر منامه ۾ بحرين جي شاهه حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري جي ڀلائي ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اهو دورو پاڪستان ۽ ڀائر نار ملڪ بحرين جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان قائم تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ واپار ۽ اقتصادي حصيداري، دفاع ۽ سلامتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل هفتي اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 22هين غيرمعمولي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، اهو غيرمعمولي اجلاس صوماليه جي خطي صومالي لينڊ بابت منعقد ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسرائيل پاران صومالي لينڊ خطي کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني طور تي تسليم ڪرڻ ۽ ان کانپوءِ اتي پنهنجي هڪ عهديدار جي بنا جواز ۽ انتهائي اشتعال انگيز دوري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن انهن قدمن کي صوماليه جي عالمي طور تي تسليم ٿيل سرحدن تي سڌوسنئون حملو قرار ڏنو. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم اسلامي تعاون تنظيم جي اصولي موقف ۽ ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مسلسل حمايت کي ساراهيندي او آءِ سي تي زور ڏنو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ وڌيڪ تيزي آڻي.












