واشنگٽن - 07 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وينزويلا مان 30 کان 50 ملين بيرل تيل جلد آمريڪا منتقل ڪيو ويندو. ان تيل کي مارڪيٽ ريٽ تي وڪرو ڪيو ويندو ۽ هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ان رقم جو استعمال وينز ويلا ۽ آمريڪا جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم، ٽروٿ …
آمريڪي صدر پاران وينزويلا مان 30 کان 50 ملين بيرل تيل جلد آمريڪا منتقل ڪرڻ جو اعلان

مزید خبریں
واشنگٽن – 07 جنوري(اي پي پي)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته وينزويلا مان 30 کان 50 ملين بيرل تيل جلد آمريڪا منتقل ڪيو ويندو. ان تيل کي مارڪيٽ ريٽ تي وڪرو ڪيو ويندو ۽ هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته ان رقم جو استعمال وينز ويلا ۽ آمريڪا جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم، ٽروٿ سوشل تي آمريڪي صدر چيو ته وينزويلا کان اهو تيل ان کي ذخيرو ڪندڙ جهازن ذريعي سڌيءَ ريت آمريڪا آندو ويندو. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته هن توانائي واري وزير ڪرس رائٽ کي هدايت ڪئي آهي ته هو ان منصوبي کي فوري طور تي لاڳو ڪري. آمريڪي صدر چيو ته آمريڪي تيل ڪمپنيون وينزويلا جي زوال پذير بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير ۽ ان جي تيل جي ذخيرن مان فائدو کڻڻ لاءِ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪرڻ تي تيار آهي. آمريڪي ميڊيا رپورٽ مطابق آمريڪا جي 03 وڏين تيل ڪمپنين جا نمائنده وينزويلا تي ڳالهين لاءِ جمعي ڏينهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ وارا آهن. واضع رهي ته تيل جي عالمي کپپ هن وقت 100 ملين بيرل روزانو کان وڌيڪ جڏهن ته آمريڪا ۾ خام تيل جي پيداوار اٽڪل 14 ملين بيرل روزانو آهي. آمريڪي صدر اهو واضع ناهي ڪيو ته هو 30 کان 50 ملين بيرل تيل ڪيتري مدي تائين آمريڪا منتقل ڪندو. تيل جو اهو مقدار وينزويلا ۾ تيل جي هڪ مهيني جي پيداوار برابر آهي.











