روس طرفان وينزويلا جي حمايت جاري رکڻ جو عزم، وقتي صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

 ماسڪو -07 جنوري(اي پي پي)روس وينزويلا جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ملڪ جي وقتي صدر کي فرض سنڀالڻ  تي ڊيلسي روڊ ريگز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته  اهو قدم وينز ويلا جي قيادت جي رياستي وحدت کي يقيني بڻائڻ جي پختي ارادي جي عڪاسي ڪري ٿو. روس جي پرڏيهي وزارت وينزويلا جي خود …

 ماسڪو -07 جنوري(اي پي پي)روس وينزويلا جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ملڪ جي وقتي صدر کي فرض سنڀالڻ  تي ڊيلسي روڊ ريگز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي ته  اهو قدم وينز ويلا جي قيادت جي رياستي وحدت کي يقيني بڻائڻ جي پختي ارادي جي عڪاسي ڪري ٿو. روس جي پرڏيهي وزارت وينزويلا جي خود مختياري ۽ ان جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن جي آجيان ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وينزويلا جي عوام کي بنا ڪنهن ٻاهرين مداخلت جي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو مڪمل حق حاصل هجڻ گهرجي. روس ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ موجوده مسئلن جي حل لاءِ تعميري ڳالهين تي زور ڀريندي گڏيل قومن جي منشور ۽ قانون جي بالادستي جي احترام تي زور ڀريو. روس ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته لاطيني آمريڪا ۽ ڪيريبين سمنڊ جو خطو امن جو گهر هجڻ گهرجي. روس جي وزارت وينزويلا جي عوام ۽ حڪومت سان پنهنجي مستقل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي دوست ملڪ وينزويلا کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ جي تياري ظاهر ڪئي. وينزويلا جي حق ۾ روس جو موقف ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڊگهي مدي جي اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي روشني ۾ سامهون آيا آهن جن ۾ سياسي، عسڪري ۽ معاشي سهڪار شامل آهي. انهن لاڳاپن جو بنياد اڳوڻي صدر هوگو شاويز جي اقتدار ۾ اچڻ بعد پيو ۽ ان کان پوءِ نيڪولاس مادورو جي دور ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيا.

مزید خبریں