ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين پاران 5 جنوري تي خوداراديت واري حق جو ڏهاڙو ملهايو ويو

سرينگر-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 5 جنوري تي خوداراديت واري حق جو ڏهاڙو ملهايو ته جيئن عالمي برادري کي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي صورت ۾ ڪشميرين سان ڪيل واعدا ياد ڏياريا وڃن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ان ڏينهن کي ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪئي هئي. ان ڏينهن جي مناسبت سان ڄمون ڪشمير، آزاد ڪشمير، پاڪستان …

سرينگر-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين 5 جنوري تي خوداراديت واري حق جو ڏهاڙو ملهايو ته جيئن عالمي برادري کي گڏيل قومن جي ٺهرائن جي صورت ۾ ڪشميرين سان ڪيل واعدا ياد ڏياريا وڃن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ان ڏينهن کي ملهائڻ جي اپيل ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڪئي هئي. ان ڏينهن جي مناسبت سان ڄمون ڪشمير، آزاد ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرا، ريليون، سيمينار ۽ ٻيا پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن سڄي دنيا جو ڌيان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ راءِ جي حق جو واعدو پورو نه ٿيڻ سبب ڪشميري عوام جي درپيش مشڪلاتن ۽ ناانصافي ڏانهن ڏياريو وڃي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 جنوري 1949ع تي هڪ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڀارت يا پاڪستان سان ڄمون ڪشمير جي الحاق جو فيصلو آزاداڻي ۽ اڻ ڌري راءِ شماري جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن سرينگر ۾ پنهنجن بيانن ۾ چيو ته 5 جنوري 1949ع جو ٺهراءُ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته ڪشمير ڀارت جو اندروني معاملو ناهي پر عالمي سطح تي تسليم ٿيل هڪ تڪرار آهي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس هڪ بيان ۾ چيو ته حل طلب ڪشمير تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ايٽمي فليش پوائنٽ بڻجي چڪو آهي. حريت ڪانفرنس گڏيل قومن تي زور ڀريو ته هو پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ ڪشمير مسئلي کي تاريخي حوالي سان حل ڪرائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻي.

مزید خبریں