صدر آصف علي زرداري پاران پاڪ فضائيه طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ فضائيه پاران مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته مقامي سطح تي جديد هٿيارن جي تياري قومي صلاحيت، عزم ۽ اداري جاتي مهارت جي واضح عڪاسي آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي ان …

اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ فضائيه پاران مقامي طور تي تيار ڪيل تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربي تي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت چيو ته مقامي سطح تي جديد هٿيارن جي تياري قومي صلاحيت، عزم ۽ اداري جاتي مهارت جي واضح عڪاسي آهي. هن چيو ته پاڪ فضائيه جي ان ڪاميابي سان ملڪي دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ۽ خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ذميوار دفاعي پاليسي کي هٿي ملي آهي. صدر آصف علي زرداري ان ڪاميابي کي قومي دفاع ۾ پاڻڀرو ڪرڻ واري سفر ۾ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي سائنسدانن، انجنيئرن، پاڪ فضائيه جي آفيسرن ۽ جوانن جي محنت، پيشيواراڻي لگن ۽ قومي خدمت واري جذبي جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته دفاعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ جي عزم جو اظهار آهي.