نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو آذربائيجان جي معيشت واري وزير ميڪائل جباروف سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي معيشت واري وزير ميڪائل جباروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان پاران 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي عملي لاڳو تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ۽ …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي معيشت واري وزير ميڪائل جباروف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان پاران 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي عملي لاڳو تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ هڪ جامع طريقيڪار کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي جنهن تحت پاڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ آذربائيجان پاران سيڙپڪاري کي ممڪن بڻائي سگهبو.

مزید خبریں