پاڪستان پاران يمن جي صورتحال جي حل لاءِ ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جي ذريعي اڳڀرائي جي حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد - 02 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي يمن جي صورتحال جي حل لاءِ ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جي ذريعي اڳڀرائي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي يمن جي وحدت ۽ علائقائي سالميت سان وابستگي کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي يمن جي صورتحال بابت ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته سعودي عرب ۽ گڏيل …

اسلام آباد – 02 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي يمن جي صورتحال جي حل لاءِ ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جي ذريعي اڳڀرائي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي يمن جي وحدت ۽ علائقائي سالميت سان وابستگي کي ورجايو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر اندرابي يمن جي صورتحال بابت ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان کي اميد آهي ته سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات پاران کنيل مثبت قدم مسئلي جي پرامن حل ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن يمن جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي قيادت جي دانشمنداڻي ۽ دورانديشي تي ٻڌل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهي قدم ٻنهي ڀائر ملڪن پاران خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ حصيداري، ڀائيچاري ۽ وحدت جي قدرن جي فروغ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.

مزید خبریں