بليو اڪانومي پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي: احسن اقبال

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته بليو اڪانومي پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. بليو اڪانومي تي رٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گوادر پورٽ ۽ ڪراچي پورٽ کي وچ ايشيا سان واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن پاڪستان کي علائقائي واپار جو …

اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته بليو اڪانومي پاڪستان جي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. بليو اڪانومي تي رٿيل اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته گوادر پورٽ ۽ ڪراچي پورٽ کي وچ ايشيا سان واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن پاڪستان کي علائقائي واپار جو مؤثر گيٽ وي بڻائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته بليو اڪانومي کي صرف ماهيگيريءَ تائين محدود نٿو رکي سگهجي پر فش پروسيسنگ، برانڊنگ ۽ عالمي مارڪيٽن تائين رسائيءَ لاءِ مارڪيٽنگ تي به ڀرپور توجهه ڏيڻ اڻٽر آهي. وفاقي وزير چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ سامونڊي وسيلن جي دانشمنداڻي استعمال سان بليو اڪانومي کي پنهنجي معاشي ترقي جو مضبوط ٿنڀ بڻايو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ خاص ڪري بلوچستان جا سامونڊي علائقا قومي معيشت ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. هن ٻُڌايو ته رٿابندي واري وزارت ميري ٽائم شعبي جي منصوبن لاءِ بنيادي ڍانچو ۽ پاليسي فريم ورڪ تيار ڪري ورتو آهي. هن واضح ڪيو ته گوادر کي هڪ ڊگهي مُدي جي معاشي پليٽ فارم طور ترقي ڏني پئي وڃي، جتي فشريز ۽ ايڪوا ڪلچر ۾ ويليو ايڊيشن سان نه صرف روانگي واپار ۾ واڌ ٿيندي پر روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ٿيندا. سياحت جي شعبي ۾ به بليو اڪانومي جي امڪانن مان فائدو کڻڻ تي ڪم جاري آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ته هن وقت پاڪستان جي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ بليو اڪانومي جو حصو صرف هڪ سيڪڙو آهي جنهن کي وڌائڻ لاءِ سڀني ميري ٽائم منصوبن تي مربوط، جامع ۽ حل تي ٻَڌل حڪمت عملي اختيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته قومي ترقيءَ جي ويزن اُڏام پاڪستان پروگرام تحت بليو اڪانومي کي ملڪ جي معاشي ترقيءَ جو اسٽريٽجڪ ٿنڀ بڻايو ويو آهي ته جيئن پاڪستان سامونڊي وسيلن مان ڀرپور معاشي فائدو حاصل ڪري سگهي.

مزید خبریں