اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ماهيگيري جي شعبي ۾ فوري سڌارن تي زور ڀريندي چيو آهي ته توانائي جي اعتماد جوڳي فراهمي ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار آمدني لاءِ اڻٽر آهي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب گذريل ڏينهن هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائي ۽ ٻيا مئسلا پيداوار ۾ …
ماهيگيري شعبي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي ضرورت آهي: جنيد انوار چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ماهيگيري جي شعبي ۾ فوري سڌارن تي زور ڀريندي چيو آهي ته توانائي جي اعتماد جوڳي فراهمي ۽ پيداواري لاڳت ۾ گهٽتائي روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پائيدار آمدني لاءِ اڻٽر آهي. وزارت مان جاري پريس رليز موجب گذريل ڏينهن هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائي ۽ ٻيا مئسلا پيداوار ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن ۽ پاڪستاني سي فوڊ جو روانگي واپار ڪندڙن جي عالمي چٽاڀيٽي کي متاثر ڪري رهيا آهن. وزارت جي اسسٽنٽ فشريز ڪمشنر فرحان خان شعبي کي درپيش مسئلن ۽ سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته بنا رنڊڪ جي توانائي، سستي خوراڪ ۽ موثر بجلي پيدا ڪرڻ جي انتظامن کانسواءِ شعبي جي ترقي ممڪن ناهي ۽ اهي قدم ماهيگيري کي هڪ مڪمل صنعت طور تسليم ڪرائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ مڇي، جهينگو، ڪيڪڙو، لابسٽر، اسڪوئيڊ، ڪٽل فش ۽ بايو الوز سميت وڏي مقدار ۾ ڪچو مال موجود آهي، جنهن جي بنياد تي ويليو ايڊڊ پراسيسنگ کي هٿي ڏئي سگهجي. اجلاس کي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ مڇي جي پراسيسنگ جي 100 کان وڌيڪ يونٽس، ننڍا يونٽس کان وٺي وڏا ڪمرشل پلانٽس تائين فعال آهن جڏهن ته اٽڪل 400 رجسٽرڊ روانگي واپار ڪندڙ ان شعبي سان لاڳاپيل آهن، وڌيڪ پلانٽس ڪراچي ۾ موجود آهن، بلوچستان ۾ انفرا اسٽرڪچر محدود آهي جڏهن ته خيبرپختونخوا ۽ پنجاب ۾ شعبو نمايان ترقي نه ڪري سگهيو. پاڪستان ۾ ماهيگيري جو شعبو مجموعي قومي پيداوار ۾ اٽڪل هڪ سيڪڙو ۽ زرعي شعبي ۾ چار سيڪڙو حصو وجهي ٿو جڏهن ته ان مان سڌي ريت هڪ ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار ۽ اڻ سڌي طور اٽڪل 15 لک ماڻهن کي روزگار جا ذريعو حاصل ٿيندو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني سي فوڊ جو روانگي واپار 40 کان وڌيڪ منڊين تائين ڪيو ويندو آهي جن ۾ چين، نار رياستون، ڏکڻ اوڀر ۽ اوڀر ايشيا، آمريڪا ۽ يورپي يونين شامل آهن. مقدار جي لحاظ کان زرعي روانگي واپار ۾ ٻي نمبر تي آهي ۽ ساليانو اٽڪل 500 ملين ڊالر پرڏيهي ناڻو ڪمائي ٿي جڏهن ته علائقائي چٽاڀيٽي ۽ قيمتن جي دٻاءُ سبب آمدني ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن.











