ڪئناڊا ۾ ايئر انڊيا جي پائليٽ کي نشي جي حالت ۾ هجڻ سبب اڏام مان لاٿو ويو

وينڪوور-02 جنوري (اي پي پي)ڪئناڊا ۾ ايئر انڊيا جي پائليٽ کي نشي جي حالت ۾ هجڻ سبب اڏام مان لاٿو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪئناڊا جي شهر وينڪوور ۾ ايئر انڊيا جي هڪ عالمي اڏام ان وقت دير جو شڪار ٿي جڏهن ٽيڪ آف کان اڳ هڪ پائليٽ کي نشي جي حالت ۾ هجڻ جي شڪ تي جهاز مان لاٿو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر انڊيا جي اڏام وينڪوور …

وينڪوور-02 جنوري (اي پي پي)ڪئناڊا ۾ ايئر انڊيا جي پائليٽ کي نشي جي حالت ۾ هجڻ سبب اڏام مان لاٿو ويو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڪئناڊا جي شهر وينڪوور ۾ ايئر انڊيا جي هڪ عالمي اڏام ان وقت دير جو شڪار ٿي جڏهن ٽيڪ آف کان اڳ هڪ پائليٽ کي نشي جي حالت ۾ هجڻ جي شڪ تي جهاز مان لاٿو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايئر انڊيا جي اڏام وينڪوور مان روانگي جي تياري ڪري رهي هئي. ايئرپورٽ تي موجود عملي جي هڪ ميمبر پائليٽ کي شراب خريد ڪندي ڏٺو ۽ فوري طور تي ان جو اطلاع لاڳاپيل عملدارن کي ڏنو. اختيارين پائليٽ جو معائنو ڪيو. پائليٽ مان شراب جي بدبو محسوس ٿيڻ تي ان جو بريٿ اينالائزر ٽيسٽ ڪيو ويو جنهن ۾ لاڳاپيل معيار پورو نه ٿي سگهيو. اختيارين پائليٽ جي نشي ۾ هجڻ کي مسافرن جي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيندي وڌيڪ جاچ لاءِ کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ايئر انڊيا جي ترجمان مطابق واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ پائليٽ کي عارضي طور ڊيوٽي تان هٽايو ويو آهي.

مزید خبریں