پاڪستان پاران يمن جي وحدت، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان يمن جي وحدت، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪن، اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ خطي جي عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) پاڪستان يمن جي وحدت، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪن، اهڙي ڪنهن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي جيڪو ڇڪتاڻ ۾ اضافي ۽ خطي جي عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪيو. هن ٻڌايو ته گذريل شام وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪي تازن مهينن ۾ نئين بلندين تي پهتا آهن. ٻنهي اڳواڻن خطي جي مجموعي صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم موجوده چئلينجز جي ڏس ۾ مسلمان امت جي اندر اتحاد ۽ هم اهنگي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڊائيلاگ ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لازمي آهي. هن ٻڌايو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پڻ سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. طاهر حسين اندرابي چيو ته هن هفتي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي اعليٰ قيادت جي وچ ۾ پڻ ويجها رابطا رهيا آهن، گڏيل عرب امارات جو صدر ۽ ابوظهبي جو حڪمران شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪيو. ساڻس گڏ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پڻ موجود هو. ٻنهي اڳواڻن اسلام آباد ۽ بعد ۾ رحيم يار خان ۾ ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران ٻطرفي تعاون ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته شيخ محمد بن زايد النهيان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري لاڳاپن ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ترقي ۽ علائقائي استحڪام سميت اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي گڏيل عزم جو مظهر آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق اربع ڏينهن بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي جنازي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ ڍاڪا جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اڳوڻي وزيراعظم جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو جتي هن سندس فرزند طارق رحمان ۽ ڌيءَ سان ملاقات ڪئي. هن بيگم خالده ضياءَ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستاني عوام ۽ قيادت پاران تعزيت ڪئي. هن ٻڌايو ته ڍاڪا ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر بنگلاديش جي قومي سلامتي جي صلاحڪار خالد الرحمان، قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار آصف نذرالاسلام ۽ بي اين پي جي وقتي چيئرمين طارق رحمان سان پڻ ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان صوماليه جي صورتحال تي ٻڌايو ته پاڪستان صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سالميت کي ڪمزور ڪرڻ جي هر ڪوشش جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ اسرائيل پاران صوماليه جي نام نهاد علائقي ”صومالي لينڊ“ جي آزادي کي تسليم ڪرڻ جي اعلان کي رد ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سالميت ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪئي ويندڙ سمورين ڪوششن جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ فلسطينين کي انهن جي سرزمين تان جبري طور تي بيدخل ڪرڻ جي هر ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ٿو ۽ فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ خودمختيار ۽ آزاد فلسطيني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار الجزائر، ڪوموروس، جبوتي، گيمبيا، مصر، ڪويت، ايران، عراق، اردن، ليبيا، مالديپ، نائجيريا، اومان، فلسطين، قطر، سعودي عرب، صوماليه، سوڊان، ترڪيه، يمن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن سان هڪ گڏيل بيان ۾ اسرائيل پاران ”صومالي لينڊ“ کي تسليم ڪرڻ جي قدم کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏيندي شديد مذمت ڪئي، صوماليه جي خودمختياري جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ويو ۽ فلسطيني عوام جي جبري بيدخلي بابت ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ڇڏيو. هن افغانستان جي صورتحال تي چيو ته سرحد جي بندش کانپوءِ پاڪستان جو سفارتخانو ۽ قونصلخانو افغانستان ۾ موجود پاڪستاني شهرين، بشمول شاگردن سان مسلسل رابطي ۾ آهي جيڪي وطن واپسي جي لاءِ مدد جا خواهشمند هئا. هن چيو ته پاڪستاني عملدارن سان به شهرين جي سلامتي جي لاءِ رابطي ۾ آهيون ۽ لاڳاپيل پاڪستاني ادارن سان گڏجي انهن جي محفوظ واپسي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون. هيستائين سفارتخاني سان رابطي ۾ رهندڙ 15 شاگرد ۽ 291 ٻيا ماڻهو حفاظت سان پاڪستان واپس اچي چڪا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان ون چائنا پاليسي تي قائم رهندو ۽ تائيوان کي چين جو فتح نه ٿيڻ جوڳو حصو سمجهي ٿو. هن لاڳاپيل ملڪن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي تاريخي واعدن جي پاسداري ڪن ۽ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ قدمن کان پاسو ڪن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته چناب درياءَ تي ڀارت پاران دولهستي اسٽيٽ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي تعمير بابت رپورٽن تي شديد خدشا آهن، 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت پاڪستان کي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ لازمي آهي جيڪا فراهم نه ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو فوري طور تي معاهدي جي پاسداري ڪري ۽ سنڌ طاس ڪمشنر پاران اٿاريل سوالن جو جواب ڏي.

مزید خبریں