ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ وڌيڪ ٿڌي رهڻ جو امڪان

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ وڌيڪ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي مٿاهين وارن علائقن گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ جهڙالي رهڻ جي امڪان کان علاوه ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي سگهي ٿي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ …

اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ وڌيڪ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڪي پي ڪي جي مٿاهين وارن علائقن گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل جابلو علائقن ۾ جهڙالي رهڻ جي امڪان کان علاوه ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي سگهي ٿي. پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ اُتر سنڌ جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب (اڄ) جمعي تي سڄي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي. صبح ۽ رات جي وقتن ۾ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ اُتر سنڌ جي ميداني علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي پوڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪي پي ڪي، پنجاب، ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي آهي.

مزید خبریں