لاڙڪاڻو جا زيتون- جيڪي نالي، مٺاس ۽ ذائقي ۾ بينظير آهن

اي پي پي/ سعيد نوناري زيتونن جي شروعات هڪ اهڙي علائقي مان ٿي آهي، جيڪو مئڪسيڪو، وچ آمريڪا يا ڏکڻ آمريڪا جي سڄي خطي ۾ پکڙيل سمجهيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ زيتُون جي پوکيءَ جا ثبوت 2500 ق.م تائين ملن ٿا. اڄڪلهه زيتون جي پوکيءَ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي رهي آهي. ان جي پوکيءَ واپاري لحاظ کان ٿيندي آهي. زيتون ڏکڻ اولهه يورپ ۾ پڻ ٿيندا آهن، خاص طور …

اي پي پي/ سعيد نوناري

زيتونن جي شروعات هڪ اهڙي علائقي مان ٿي آهي، جيڪو مئڪسيڪو، وچ آمريڪا يا ڏکڻ آمريڪا جي سڄي خطي ۾ پکڙيل سمجهيو وڃي ٿو. تاريخ ۾ زيتُون جي پوکيءَ جا ثبوت 2500 ق.م تائين ملن ٿا. اڄڪلهه زيتون جي پوکيءَ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿي رهي آهي. ان جي پوکيءَ واپاري لحاظ کان ٿيندي آهي. زيتون ڏکڻ اولهه يورپ ۾ پڻ ٿيندا آهن، خاص طور تي اسپين ۽ يونان ۾ گهڻي پوکي ٿئي ٿي جتي زيتون واپاري لحاظ کان ويهين صدي جي وچ کان پوکبا رهيا آهن. زيتون جو وڻ وچولي قد جو ٿئي ٿو

دُنيا ۾ زيتُون گهڻو ڪري گول شڪل ۾ ملندو آهي پر سنڌ ۾ لاڙڪاڻو جيڪو قديم سنڌ جي تهذيب مُوئن جو دڙوجو ڳڙهه آهي ۾ زيتون جو ميوو ڊگهو ۽ بيضوي شڪل جو ۽ سائي کان اڇي رنگ جو ٿئي ٿو جيڪو اندر مان گُلابي هُوندو آهي. شروعات ۾ زيتون جي ٻوٽي کي بهترين گل ۽ ميوي جي پيداوار لاءِ مڪمل سج جي ضرورت هوندي آهي. ان کي ٿڌ کان بچائڻ جي ضرورت هوندي آهي، پر بعد ۾ زيتون جو وڻ سوڪهڙي ۽ گرمين ۾ پاڻي جي بنا پڻ جيئرو رهي سگهي ٿو. غذايات جا ماهر زيتون جي ميوي کي ڪينسر کان بچاءُ ۾ لاڀائتو ۽ نظر جي لاءِ بهترين قرار ڏين ٿا. زيتون رت ۾ شُگر جي مرض  ۽ وزن گهٽائڻ سميت قوت مدافعت وڌائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، هاضمي جي نظام لاءِ لاڀائتو آهي. زيتون ڪيتريون ئي بيمارين جو رواجي علاج آهي.

زيتون پاڪستان ۾ پڻ وڏي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿو. لاڙڪاڻو ملڪ جو ٽيون وڏو شهر آهي، جيڪو زيتون جي لحاظ سان سڄي مُلڪ ۾ پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. هتي جا زيتون نه رڳو سڄي ملڪ پر پرڏيهي ملڪن ۾ پڻ برآمد ڪيا وڃن ٿا. جيئن ئي سياري جي مُند ايندي آهي، لاڙڪاڻي جا زيتون ٿڌ وڌڻ سان ئي پچڻ شروع ٿي ويندا آهن. ٿڌ جي شدت سان زيتون جو ذائقو مٺو ٿئي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ ٿڌ سان زيتُون جو ميوو متاثر پُڻ ٿيندو آهي، خاص ڪري ننڍا زيتون هوندا آهن. لاڙڪاڻي شهر کي زيتون جو مرڪز چيو وڃي ٿو، لاڙڪاڻي جا زيتون ملڪ جي وڏن شهرن جي منڊين ۾ وڃن ٿا، جن ۾ خاص ڪري اسلام آباد، ڪراچي، ڪوئيٽا، لاهور، راولپنڊي، پشاور سان گڏوگڏ افغانستان ۽ ايران ۽ اتان کان وچ ايشيائي ملڪن تائين برآمد ڪيا وڃن ٿا. لاڙڪاڻو جو زيتون وڏو مشهور ۽ معروف ميوو آهي، جو سياري ۾ پنهنجي مٺاس جي بنياد تي منفرد حيثيت رکي ٿو. لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمين تي زيتون جي پوکي ٿئي ٿي، جن مان اهو سڄي علائقي سميت ملڪ کي مهيا ڪيو ويندو آهي. لاڙڪاڻو زيتون جي پيداوار جي ڪري زرعي لحاظ کان هڪ اهم شهر آهي. لاڙڪاڻي جو زيتون پنهنجي خوشبو، معيار ۽ منفرد ذائقي ۾ سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ ٿڌ سان پڻ متاثر ٿيندا آهن، خاص ڪري جيڪي نوان ننڍا زيتون پيدا ٿي رهيا هوندا آهن.

لاڙڪاڻي جي زيتونن جي مشهُور قسمن مان هڪ قسم اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي وارو آهي، جيڪ قسم ڪاروباري لحاظ کان تمام سٺو سمجهيو وڃي ٿو، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته لاڙڪاڻي جو علائقو نوديرو، جيڪو بينظير ڀٽو جو علائقو آهي، اتي زيتون وڏي تعداد ۾ ٿيندا آهن. انهن مان هڪ قسم جو نالو "بينظير ڀٽو” جي نالي سان رکيو ويو آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻو مشهور آهي. ان قسم جي زيتون جي ئي پيداوار لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ مٺاس ۽ ذائقو وڌيڪ ٿئي ٿو. لاڙڪاڻي کي زيتون جي باغن جو شهر چيو وڃي ٿو، جنهن جي چوڌاري زيتون جا تمام گهڻا باغ آهن. جيڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ مقامي سطح تي منڊي هجي، ته زيتُون جي قيمتن ۾ واڌارو ٿيندو. پر هتي منڊي نه هئڻ جي ڪري هن مهنگائي ۾ هتي جي زميندارن جا خرچ به مشڪل سان نڪري ٿو. ٻي پاسي، باغ ۾ زيتون چُونڊيندڙ مزدورن کي به هن مهنگائي جي دؤر ۾ زيتون جي چونڊائي جي عيوض گهٽ اُجُورو ملي ٿو. ان حوالي سان مزدورن جو چوڻ آهي ته ٺيڪيدار مهنگائي جي حساب سان مزدوري گهٽ ڏيندا آهن، تنھنڪري حڪومت لاڙڪاڻي ۾ زيتون لاءِ منڊي کولي، ته جيئن هتي جي سوغات مشهور مٺي زيتون جي قيمتن ۾ واڌارو ٿي ۽ اضافي خرچ کان بچي سگهجي

وڏي منڊي نه هُجڻ جي ڪري مقامي سطح تي ماڻهُو باغن ۾ پاڻ اچي تازا مٺا زيتون خريد ڪندا آهن ۽ موڪل واري ڏينهن ۾ اڪثر خاندان پنهنجن ٻارن سان گڏ قدرتي منظرن جو لطف وٺڻ لاءِ باغ ڏسڻ لاءِ ايندا آهن، هتي پڪنڪ ملهائيندا آهن ۽ باغن مان تازه زيتون وٺڻ جو مزو ماڻيندا آهن، جتي کين اهي تازگي سان گڏ سستا پڻ ملندا آهن

مزید خبریں