اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) ريلويز واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي نئين سال جي شروعات تي ريلوي جي مالياتي هدف جي تڪميل جي حوالي سان اهم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ريلوي جو فريٽ (مال بردار) شعبو رڪارڊ لاڀائتو بڻجي چڪو آهي، جنهن 6 مهينن دوران 17 ارب رپين جو ناڻو حاصل ڪيو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته پاڪستان ريلويز جو فريٽ (مال بردار شعبي) رڪارڊ منافعو حاصل …
پاڪستان ريلويز 6 مهينن دوران 17 ارب رپين کان وڌيڪ ناڻو حاصل ڪيو: وفاقي وزير حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) ريلويز واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي نئين سال جي شروعات تي ريلوي جي مالياتي هدف جي تڪميل جي حوالي سان اهم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. ريلوي جو فريٽ (مال بردار) شعبو رڪارڊ لاڀائتو بڻجي چڪو آهي، جنهن 6 مهينن دوران 17 ارب رپين جو ناڻو حاصل ڪيو. وفاقي وزير اعلان ڪيو ته پاڪستان ريلويز جو فريٽ (مال بردار شعبي) رڪارڊ منافعو حاصل ڪيو آهي جنهن تحت گذريل 6 مهينن دوران 17 ارب رپين جو ناڻو حاصل ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته هڙتال جهڙن چئلينجز باوجود نومبر ۽ ڊسمبر جي مهينن ۾ مسلسل 3 ارب رپيا ماهوار کان وڌيڪ آمدني حاصل ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده مالي سال جي پڄاڻيءَ تائين صرف مال برداري جي شعبي مان 38 ارب رپين جي آمدني متوقع آهي. وفاقي وزير هڪ تاريخي سنگِ ميل جو ذڪر ڪندي چيو ته ان شاءَ الله سال 2026ع ۾ پاڪستان ريلويز پهريون ڀيرو هڪ کرب رپيا ساليانو آمدني حاصل ڪندڙ ادارو بڻجي ويندو. ريلوي واري وزير مسافرن سان واعدو ڪيو ته سال 2026ع جي پڄاڻيءَ تائين ريلوي جون سموريون ريل گاڏيون مڪمل طور اپ گريڊ ڪيون وينديون ته جيئن عوام کي بهترين ۽ محفوظ ترين سفري تجربو ميسر اچي سگهي. سندس چوڻ هو ته جديد سڌارن تحت ريلوي جي نظام کي مڪمل طور ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي. مسافرن جي تحفظ لاءِ ريل گاڏين ۾ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون وينديون. ريلوي پوليس اهلڪارن کي جديد رُخن تي تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن سفر دوران مسافر پاڻ کي مڪمل محفوظ محسوس ڪن. وفاقي وزير عزم جو ورجايو ته پاڪستان ريلوي کي هڪ جديد، لاڀائتو ۽ عوامي خدمتن وارو بهترين ادارو بڻائڻ پهرين ترجيح آهي.











