اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ نئين سال جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نئون سال اسان جي گڏيل سفر تي غور ڪرڻ ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ۽ ترقي، انصاف ۽ قومي يڪجهتي جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جن اسان جي …
وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران نئين سال جي موقعي تي قوم کي واڌايون

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ نئين سال جي موقعي تي قوم کي دلي مبارڪون پيش ڪيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نئون سال اسان جي گڏيل سفر تي غور ڪرڻ ۽ قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ ۽ ترقي، انصاف ۽ قومي يڪجهتي جي عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جن اسان جي قوم کي جوڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته نئون سال اسان کان گُهر ڪري ٿو ته اسان پنهنجن ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻايون. ديانتداري ۽ شموليت جي قدرن کي هٿي ڏيون ۽ هڪ خوشحال، هم آهنگ پاڪستان لاءِ عزم، لڳن ۽ اجتماعي ڪوششن سان اڳتي وڌون. هن چيو ته نئين سال کي حوصلي، اميد ۽ هر شهريءَ جي فلاح ۽ بهبود لاءِ پُختي عزم سان ڀليڪار چوڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته 2026ع امن، ترقي ۽ موقعن جو سال ثابت ٿيندو جيڪو اسان سڀني کي خلوص ۽ مقصديت سان پنهنجي وطنِ عزيز جي ترقي ۽ وقار لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيندو. پنهنجي پيغام جي پڄاڻيءَ تي وفاقي وزير پاڪستاني عوام لاءِ نئين سال جي موقعي تي خوشين، امن ۽ خوشحاليءَ جي دُعا ڪندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو.










