اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ڊيڊ لائن تائين 446 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجن اثاثن جا گوشوارا جمع نه ڪرايا، 15 جنوريءَ تائين گوشوارا جمع نه ڪرايا ويا ته 16 جنوري تي سندن ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن موجب هر سال 31 ڊسمبر تائين پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن طرفان پاڻ ۽ پنهنجي ڪفالت هيٺ ماڻهن جا گوشوارا …
ڊيڊ لائن تائين 446 ميمبرن گوشوارا جمع ناهن ڪرايا، 15 جنوريءَ تائين گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرن جي ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي: اليڪشن ڪميشن

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل ڊيڊ لائن تائين 446 پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن پنهنجن اثاثن جا گوشوارا جمع نه ڪرايا، 15 جنوريءَ تائين گوشوارا جمع نه ڪرايا ويا ته 16 جنوري تي سندن ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري تفصيلن موجب هر سال 31 ڊسمبر تائين پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن طرفان پاڻ ۽ پنهنجي ڪفالت هيٺ ماڻهن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ لازمي هوندو آهي. چونڊ قانون 2017ع جي شق 137 تحت 15 جنوري تائين پارليامينٽ جي ميمبرن کي مهلت ڏني وڃي ٿي ته هو پنهنجا گوشوارا جمع ڪرائين، جڏهن ته ان ۾ ناڪام رهندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن جي ميمبرشپ 16 جنوريءَ کان معطل ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته گوشوارا جمع ڪرائڻ تي سندن ميمبرشپ بحال ڪئي ويندي آهي. سينيٽ جي 26، قومي اسيمبليءَ جي 125، پنجاب اسيمبليءَ جا 159، سنڌ اسيمبليءَ جي 62، ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي 48 ۽ بلوچستان اسيمبليءَ جي 26 ميمبرن پنهنجا ۽ پنهنجي ڪفالت هيٺ ماڻهن جا مالي سال 25-2024ع جا گوشوارا جمع نه ڪرايا ته 16 جنوري 2026ع تي سندن ميمبرشپ معطل ڪئي ويندي.











