لاهور-01 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي نئين سال جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته موجوده حڪومت سال 2025ع ۾ عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، الله تعاليٰ جي فضل سان 2026ع ۾ عوام جي …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پاران قوم کي نئين سال تي واڌايون

مزید خبریں
لاهور-01 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي نئين سال جي موقعي تي پوري قوم کي مبارڪون ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب هن چيو ته موجوده حڪومت سال 2025ع ۾ عوام جي زندگين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، الله تعاليٰ جي فضل سان 2026ع ۾ عوام جي خدمت جو مشن اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زور شور سان جاري رهندو. هن چيو ته 2025ع پاڪستان جو دفاعي لحاظ کان تاريخ ساز سال رهيو ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي جرئتمنداڻي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ فوج پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ طاقتور دشمن جو تڪبر مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. پاڪ فضائيه جي شاهينن دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني ۽ پوري قوم مثالي اتحاد ۽ يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته 2025ع ۾ وطن جي دفاع ۽ امن جي قيام لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ بهادر پُٽن کي سلام پيش ڪريان ٿو. پاڪستان جي بنيادن کي شهيدن پنهنجي قيمتي رت سان محفوظ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي اڳتي وڌائڻ لاءِ عزم، حوصلي ۽ يڪجهتيءَ سان هر چئلينج کي مُنهن ڏنو ويندو. 2025ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيون جيڪو رانديگرن جي محنت جو ثبوت آهي. هن چيو ته آءِ سي سي چيمپئينز ٽرافي جو ڪامياب بندوبست پُرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي ڪاميابي هئي. فيصل آباد ۾ 17 سالن کان پوءِ ڪرڪيٽ جي واپسي نه صرف شوقينن جي جوش ۾ واڌارو ڪيو پر پي سي بي جي پيشيوراڻي انتظامن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ڌماڪي کانپوءِ سريلنڪن سيريز ۽ ٽراءِ نيشن سيريز جو محفوظ بندوبست هڪ وڏو امتحان هو، جيڪو سيڪيورٽي فورسز جي اڻٿڪ ڪوششن سان ڪامياب رهيو، اها ڪاميابي 2025ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ جي سفر جو مضبوط سنگِ ميل ثابت ٿيو. نئين سال ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ کي وڌيڪ مستحڪم، مضبوط، منظم ۽ پائيدار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ڊوميسٽڪ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪري معيار کي وڌيڪ مٿانهون ڪيو ويندو، اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي ميرٽ تي حوصلا افزائي ۽ همٿ افزائي يقيني بڻائي ويندي. 2026ع دوران اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن، سهولتن ۾ بهتري ۽ نَون وينيوز جي شموليت ترجيح هوندي. پي سي بي چيئرمين نئين سال جي موقعي تي قومي ٽيم لاءِ وڌيڪ ڪاميابين ۽ ايونٽس ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان شاءَ الله 2026ع پاڪستان ڪرڪيٽ کي عالمي سطح تي مضبوط ۽ باوقار مقام ڏيارڻ وارو سال ثابت ٿيندو.










