اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ تيل ۽ گئس جي نئين ذخيرن جي ڳولا کي حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ۽ تيل ۽ گئس سپلاءِ چين کي درآمد ٿيڻ کان وٺي صارفين جي استعمال تائين ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف …
وزيراعظم پاران تيل ۽ گئس جي نئين ذخيرن جي ڳولا کي حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ۽ تيل ۽ گئس سپلاءِ چين کي ڊيجيٽائيز ڪرڻ لاءِ فوري قدمن جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائڻ جي لاءِ تيل ۽ گئس جي نئين ذخيرن جي ڳولا کي حڪومتي ترجيحن ۾ شامل ڪرڻ ۽ تيل ۽ گئس سپلاءِ چين کي درآمد ٿيڻ کان وٺي صارفين جي استعمال تائين ڊيجيٽائيز ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پيٽروليم ڊويزن سان لاڳاپيل معاملن تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته تيل ۽ گئس سپلاءِ چين کي درآمد ٿيڻ کان وٺي صارفين جي استعمال تائين ترجيحي بنيادن تي ڊيجيٽائيز ڪيو وڃي. هن چيو ته تيل ۽ گئس جي پهچ جي سپلاءِ چين جي ڊيجيٽائيزيشن سان انهن مصنوعات جي اسمگلنگ جي روڪٿام ممڪن ٿيندي ۽ قومي ناڻي کي فائدو پهچندو. اجلاس کي پيٽروليم ۽ گئس شعبي جي روڊ ميپ جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني (او جي ڊي سي ايل) ڪوهاٽ ضلعي ۾ ناشپا بلاڪ ۾ تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا ڳولي لڌا آهن. وزيراعظم ناشپا بلاڪ ۾ تيل ۽ گئس جي وڏي ذخيرن جي ڳولا تي قوم کي مبارڪابد ڏني ۽ ان حوالي سان لاڳاپيل ادارن جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انهن ذخيرن مان ڏهاڙي 4100 بيرل تيل ڪڍي سگهبو. بريفنگ موجب هن سال سرديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتر پريشر سان گئس مهيا ڪئي پئي وڃي، آر ايل اين جي جي ڪنيڪشنز تي تيزي سان ڪم جاري آهي ۽ جون 2026ع تائين 350000 ڪنيڪشنز جو هدف مڪمل ڪيو ويندو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شيوا گئس فيلڊ ۽ بٽاني گئس فيلڊ جي لاءِ پائيپ لائينز کي ڪميشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪوٽ پالڪ گئس فيلڊ کان پائيپ لائين تي ڪم جاري آهي.










