پاڪستان ۾ قيد ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي: پرڏيهي وزارت

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) حڪومت پاڪستان ۾ قيد ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پاڪستان مجموعي طور تي 257 ڀارتي جن ۾ 58 شهري قيدي ۽ 199 ملاح قيدين جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪئي. قيدين جي فهرست جي اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 21 …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) حڪومت پاڪستان ۾ قيد ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت جي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پاڪستان مجموعي طور تي 257 ڀارتي جن ۾ 58 شهري قيدي ۽ 199 ملاح قيدين جي فهرست اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي حوالي ڪئي. قيدين جي فهرست جي اها مٽاسٽا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ 21 مئي 2008ع تي طئي ٿيندڙ قونصلر پهچ معاهدي تحت عمل ۾ آندي وئي آهي جنهن تحت ٻئي ملڪ سال ۾ ٻه ڀيرا پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي هڪ ٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين جي تفصيلن جي ڏي وٺ ڪن ٿا. ڀارتي حڪومت به نئين دهلي ۾ قائم پاڪستان هاءِ ڪميشن کي پاڪستاني قيدين جي فهرست فراهم ڪندي.

مزید خبریں