نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مقامي ريفائنرين ۾ تيار ٿيندڙ پيٽرول ۾ ايٿنول جي آميزش جي تجويز بابت اجلاس

اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مقامي ريفائنرين ۾ تيار ٿيندڙ پيٽرول ۾ ايٿنول جي آميزش جي تجويز بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا چيئرمين اجلاس کي ان تجويز تي بريفنگ ڏني. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي سفارش ڪئي ته جيئن ته هن وقت ايٿنول جي قيمت پيٽرول جي ڀيٽ …

اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مقامي ريفائنرين ۾ تيار ٿيندڙ پيٽرول ۾ ايٿنول جي آميزش جي تجويز بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اوگرا چيئرمين اجلاس کي ان تجويز تي بريفنگ ڏني. تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڪميٽي سفارش ڪئي ته جيئن ته هن وقت ايٿنول جي قيمت پيٽرول جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ان لاءِ ريفائنريرين ۽ ايٿنول تيار ڪندڙ صنعت جي لاءِ مالي طور تي عمل جوڳي هجڻ جي شرط سان گڏ ايٿنول جي رضاڪاراڻي آميزش جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي. اوگرا کي هدايت ئي وئي ته ايٿنول جي برآمدات ۽ مقامي طور تي تيار ڪئي ويندڙ پيٽرول ۾ ان جي آميزش جي مالي رخن جو ٽه ماهي بنيادن تي جائزو وٺي ۽ پنهنجي رپورٽ پيٽروليم ڊويزن جي ذريعي وزيراعظم آفيس کي پيش ڪري. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پيٽروليم واريسيڪريٽري، صنعت ۽ پيداوار واري سيڪريٽري، اوگرا چيئرمين، پاڪستان ايٿنول مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن ۽ پاڪستان آٽو موٽو مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں