اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ خصوصي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ عوام جي فلاح بهبود جي ڪيترن ئي پراجيڪٽس تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ۽ شهرين جي سهولت لاءِ وڌيڪ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ خصوصي اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سي ڊي اي هيڊ ڪوارٽرز ۾ خصوصي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ عوام جي فلاح بهبود جي ڪيترن ئي پراجيڪٽس تي اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ۽ شهرين جي سهولت لاءِ وڌيڪ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ اسٽيٽ آف دي آرٽ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ٺهندو. گهرو وزير 10 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جو حتمي ڊزائين طلب ڪري ورتو. اجلاس ۾ نيشنل پارڪ لاءِ مخصوص ايريا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ جديد قسم تي ٻَڌل سيف سٽي پراجيڪٽ جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪشمير چؤڪ تي ٽريفڪ جي روانيءَ لاءِ ”سمارٽ انڊر پاس“ تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته 10 ڏينهن ۾ سمارٽ انڊر پاس جو حتمي ڊزائين تيار ڪري پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ فائيو اسٽار هوٽل جي تعميرلاءِ ناليوارين ڪمپنين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وڏي وقت کان خالي ڪمرشل پلاٽس جا تفصيل طلب ڪيا ويا. اجلاس ۾ سالڊ ويسٽ مئنجمينٽ ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ خصوصي ٽيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي هيڊ ڪوارٽر لاءِ ايراضي رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن پوري طاقت سان جاري رهندو. قبضو ختم ڪرايل ايراضي عام مفاد لاءِ استعمال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي دارالحڪومت ۾ نئين ڪنوينشن سينٽر جي تعمير لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري، رينجرز ۽ اسلام آباد ٽريفڪ پوليس جي هيڊ ڪوارٽرز لاءِ ايراضي رکڻ لاءِ مخصوص تجويزن جو جائزو ورتو ويو. سي ڊي اي چيئرمين محمدعلي رنڌاوا بريفنگ ڏني. آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي، ڊي سي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، جنرل سي پي او ۽ ايس ايس پي آپريشنز، سي ڊي اي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن اجلاس م شرڪت ڪئي.










