مردان-01 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته گذريل سال دفاعي لحاظ کان پاڪستان لاءِ تاريخي رهيو، پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم صرف هڪ ليپ ٽاپ نه پر هي پنهنجي نوجوانن کي هنر، تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن عبدالولي يونيورسٽي مردان ۾ شاگردن ۾ وزيراعظم …
سال 2025ع دفاعي لحاظ کان پاڪستان لاءِ تاريخي رهيو: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
مردان-01 جنوري (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته گذريل سال دفاعي لحاظ کان پاڪستان لاءِ تاريخي رهيو، پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم صرف هڪ ليپ ٽاپ نه پر هي پنهنجي نوجوانن کي هنر، تعليم ۽ روزگار فراهم ڪرڻ آهي. اهڙو اظهار هن عبدالولي يونيورسٽي مردان ۾ شاگردن ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ مان پاڪستان جي مستقبل يعني نوجوانن کان مخاطب آهيان. نئين سال تي اوهان سميت پوري قوم کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته گذريل سال دفاعي لحاظ کان پاڪستان لاءِ تمام گهڻو سٺو ۽ تاريخي رهيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. هن ڪاميابي اسان جي ملڪ ۽ قوم جو پوري دنيا ۾ مانُ مٿانهون ڪيو. پوري دنيا ۾ پاڪستانين جي عزت ۾ واڌ ٿي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف مختصر مُدي ۾ ملڪ کي اونداهين ۽ ڏيوالپڻي کان ڪڍي پنهنجي پيرن تي بيهاريو. اسان جي حڪومت اچڻ کان اڳ مهانگائي 40 سيڪڙو تائين پهچي چڪي هئي. شهباز شريف جي ڏينهن رات جي محنت سبب مهانگائي گهٽ ٿي 4 سيڪڙو تي اچي وئي. ان شاءَ الله وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ مهانگائي منفي تائين پهچي ويندي.










