اسلام آباد - 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت سان لاڳاپيل سمورين وزارتن کان عملي قدمن ۽ گهٽ کان گهٽ وقت تي ٻڌل جامع حڪمت عملي جي لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن ۽ چيو آهي ته سيڙپڪارن جي آساني جي لاءِ اداراجاتي ۽ انتظامي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ برآمدات جي شعبي جي اوسر جي تجويزن ۽ …
وزيراعظم پاران معيشت سان لاڳاپيل سمورين وزارتن کان عملي قدمن ۽ گهٽ کان گهٽ وقت تي ٻڌل جامع حڪمت عملي جي لاءِ تجويزون طلب

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معيشت سان لاڳاپيل سمورين وزارتن کان عملي قدمن ۽ گهٽ کان گهٽ وقت تي ٻڌل جامع حڪمت عملي جي لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن ۽ چيو آهي ته سيڙپڪارن جي آساني جي لاءِ اداراجاتي ۽ انتظامي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ برآمدات جي شعبي جي اوسر جي تجويزن ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن کي خصوصي اهميت ڏني وڃي، موثر معاشي سڌارن ۽ مجموعي معاشي ترقي جي لاءِ سمورين وزارتن جي گڏيل هم آهنگي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو گڏيل تعاون اهميت رکندڙ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار نئين سال جي پهرين ڏينهن معيشت سان لاڳاپيل سمورين وزارتن ۾ جاري انتظامي ۽ معاشي سڌارن، سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي اوري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽريز، نيشنل ڪوآرڊينيٽر ايس آءِ ايف سي ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم معيشت سان لاڳاپيل سمورين وزارتن کان عملي قدمن ۽ گهٽ کان گهٽ وقت تي ٻڌل جامع حڪمت عملي ۽ سفارشون طلب ڪري ورتيون. ان موقعي تي مختلف وزارتن پاران وزيراعظم کي جاري ترقياتي منصوبن ۽ معاشي اداراجاتي انتظامي سڌارن تي جاري ڪم جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم معاشي ترقي ۽ سڌارن جي تجويزن ۾ وزارتن جي وچ ۾ گڏيل هم آهنگي ۽ صوبن ۽ وفاقي ادارن جي گڏيل تعاون کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران پيش ڪيل اقتصادي سڌارن تي ٻڌل معاشي گورننس جي پاليسي تي سمورين وزارتن پاران موثر عملدرآمد لازمي آهي. وزيراعظم هدايت ئي ته سموريون وزارتون پنهنجي شعبن سان لاڳاپيل ٻاهرئين ۽ اندروني سيڙپڪاري ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ سفارشون جلد کان جلد جوڙين، سيڙپڪارن جي آساني جي لاءِ اداراجاتي ۽ انتظامي سهولتون حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي وڌيڪ سهولتون ڏيڻ جي لاءِ سفارشون پڻ طلب ڪري ورتيون ۽ هدايت ڪئي ته سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ برآمدات جي شعبي جي اوسر جي تجويزن ۽ تجويز ڪيل ترقياتي منصوبن کي خصوصي اهميت ڏني وڃي. هن چيو ته موثر معاشي سڌارن ۽ مجموعي معاشي ترقي جي لاءِ سمورين وزارتن جي گڏيل اهم آهنگي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو گڏيل تعاون اهميت رکي ٿو، ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ لاڳاپيل وزارتون سڄي دنيا ۾ پاڪستاني سفارتخانن جي ذريعي ٻاهرئين سيڙپڪارن جي سهولت جي لاءِ موثر تعاون ڪن. سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستاني سفارتخانن ۾ سيڙپڪارن جي لاءِ سهولتن ۽ ٻي اهم معلومات جي شروعاتي آگاهي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته وزارتون سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ صنعتي پيداوار، زراعت ۽ ٻين سمورن اهم شعبن تي ڌيان ڏين.










