ڀارتي فورسز سال 2025ع ۾ 84 ڪشمرين کي شھيد ڪيو، حريت ڪارڪنن، نوجوانن، ڊاڪٽرن، صحافين سميت 7 ھزار 488 ڪشميرين کي گرفتار ڪيو ويو

سرينگر - 01 جنوري (اي پي پي) سال 2025ع ۾ به ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دھشتگردي برقرار رھي ۽ قابض ڀارتي فورسز ٽن عورتن ۽ 7 گھٽ عمر وارن ڇوڪرن سميت 84 ڪشمرين کي شھيد ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ريسرچ سيڪشن طرفان جاري ڪيل ھڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته انھن مان 34 ماڻھن کي فرضي مقابلن ۽ گرفتاري دوران شھيد ڪيو …

سرينگر – 01 جنوري (اي پي پي) سال 2025ع ۾ به ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دھشتگردي برقرار رھي ۽ قابض ڀارتي فورسز ٽن عورتن ۽ 7 گھٽ عمر وارن ڇوڪرن سميت 84 ڪشمرين کي شھيد ڪيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ريسرچ سيڪشن طرفان جاري ڪيل ھڪ رپورٽ ۾ چيو ويو ته انھن مان 34 ماڻھن کي فرضي مقابلن ۽ گرفتاري دوران شھيد ڪيو ويو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته انھن شھادتن جي نتيجي ۾ 11 عورتون بيوه ۽ 33 ٻار يتيم ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو ته حريت ڪارڪنن، نوجوانن، ڊاڪٽرن، عالمن، عورتن ۽ صحافين سميت 7 ھزار 4 سو 88 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 5 آگسٽ 2019ع کان، جڏھن ڀارتي ھندو قوم پرست بي جي پي حڪومت غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي جي حيثيت ختم ڪئي ته ڀارتي فوجين، پيراملٽري ۽ پوليس اھلڪارن ھن وقت تائين 1 ھزار 48 ڪشميرن کي شھيد ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته گذريل 37 سالن ۾ 96 ھزار 4 سو 81 ڪشمري شھيد ٿي چڪا آھن.

مزید خبریں