اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) اٽلي ڏانهن پاڪستان جي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو ٿيو آهي. مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران اٽلي ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 6.61 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جڏهن ته آمدني واپار ۾ 40 سيڪڙو جي گهٽتائي ريڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران اٽلي …
اٽلي ڏانهن پاڪستان جي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي) اٽلي ڏانهن پاڪستان جي واپاري ڳاڻيٽي ۾ جاري مالي سال دوران اضافو ٿيو آهي. مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران اٽلي ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي 6.61 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جڏهن ته آمدني واپار ۾ 40 سيڪڙو جي گهٽتائي ريڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مالي سال جي پهرين پنجن مهينن دوران اٽلي ڏانهن روانگي واپار ذريعي ملڪ کي 513.29 ملين ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 6.61 سيڪڙو وڌيڪ آهي.گذريل سال جي ان مدي ۾ اٽلي ڏانهن روانگي واپار مان 481.46 ميلن ڊالرن جو ناڻو حاصل ٿيو. نومبر ۾ اٽلي ڏانهن پاڪستان جي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 82.27 ميلن ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو آڪٽوبر ۾ 104.71 ملين ڊالرز ۽ نومبر 2024ع ۾ 86.30 ملين ڊالرز هو. مالي سال 2025ع ۾ اٽلي ڏانهن پاڪستان جي گڏيل آمدني واپار وارو بل 1.135 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو. انگن اکرن موجب جاري مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ اٽلي مان آمدني واپار تي 180.41 ملين ڊالرن جو ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي ۾252.11 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو گهٽ آهن. نومبر 2025ع ۾ اٽلي مان آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 30.23 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو آڪٽوبر ۾ 40.53 ملين ڊالرز ۽ نومبر 2024ع ۾ 62.24 ملين ڊالرز هو. مالي سال 2025ع دوران اٽلي مان گڏيل طور تي 538.92 ملين ڊالرن جو آمدني واپار رڪارڊ ٿيو هو. اي پي پي/ع – ا/ م – ش/ ر – م13:00










