اسلام آباد-01 جنوري(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن به مثبت رجحان رهيو ۽ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن سيڙپڪارن جي ڀرپور اعتماد سبب مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي. ڪاروبار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 1530 کان وڌيڪ پوائنٽس جي نمايان اضافي سميت هڪ لک 75 هزار 584 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو جيڪا مارڪيٽ جي تاريخ جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي. واضح رهي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس هڪ لک 75 هزار 584 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-01 جنوري(اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ گذريل ڏينهن به مثبت رجحان رهيو ۽ ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن سيڙپڪارن جي ڀرپور اعتماد سبب مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي. ڪاروبار جي شروعات ۾ 100 انڊيڪس 1530 کان وڌيڪ پوائنٽس جي نمايان اضافي سميت هڪ لک 75 هزار 584 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو جيڪا مارڪيٽ جي تاريخ جي هڪ اهم اڳڀرائي آهي. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي آخر تي 100 انڊيڪس 418 پوائنٽس جي گهٽتائي کان پوءِ هڪ لک 74 هزار 54 پوائنٽس تي بند ٿيو هيو جڏهن ته ڪاروبار جي شروع ۾ سيڙپڪارن جي ڀرپور خريداري مارڪيٽ کي ٻيهر مضبوط رفتار فراهم ڪئي. مارڪيٽ جي ماهرن موجب سيڙپڪاري جي اعتماد ۾ اضافي، معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري ۽ مختلف شعبن خاص طور تي بينڪنگ ، توانائي ، تيل، گيس ۽ صنعتي شعبن ۾ خريداري جي رجحان مارڪيٽ جي تيزي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تجزيو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هاڪاري اڳڀرائي سان نه رڳو مقامي پر پرڏيهي سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ مارڪيٽ لاءِ وڌيڪ استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو.










