اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي عوام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ عالمي برادري کي نئين سال جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر، امن جي داعي ۽ استحڪام جي ضامن جي طور تي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي رابطن جي ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري …
سموريون سياسي قوتون عوام جي بهتري جي لاءِ پارليامينٽ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪن، سمورين جمهوري قوتن کي آئيني رستي تي واپس آندو وڃي، فاصلا گهٽائڻ لاءِ وفاق جي وحدت جي علامت جي طور تي قومي مفاهمت ۽ مصالحت جي عمل جي قيادت جي لاءِ تيار آهيان: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي عوام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ عالمي برادري کي نئين سال جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر، امن جي داعي ۽ استحڪام جي ضامن جي طور تي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي رابطن جي ذريعي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نئين سال 2026ع جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ڀارت سان سمورن حل طلب معاملن بشمول ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق کي عالمي واعدن موجب پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، اسان افغانستان کان به مطالبو ڪريون ٿا ته هو دوحه معاهدي جي پاسداري ڪري ۽ افغان سرزمين کي پاڙيسري ملڪن جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏي. هن چيو ته جيئن اسان سال 2026ع ۽ هلندڙ صديءَ جي ٻئي چوٿائي ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، آئون پاڪستان جي عوام، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيان ٿو. صدر چيو ته جڏهن اسان 79هين آزادي جي ڏهاڙي جي ويجهو پهچي رهيا آهيون ته اهو لمحو قومي خود احتسابي ۽ گڏيل عزم جو هجڻ گهرجي، اسان کي گڏيل طور تي پاڪستان جي گڏيل مستقبل جي نگهبان هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي ذميوارين جي تجديد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان اهڙي دور ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون جيڪو جنگين ۽ تڪرارن، پراڪسي جنگين، انتهاپسندي، اسلامو فوبيا، عوامي جذبن تي ٻڌل فسطائيت، آبادي ۾ بي قابو اضافي، معاشي بي يقيني، ماحولياتي هنگامي صورتحال، خوراڪ ۽ پاڻي جي عدم تحفظ، غلط معلومات جي ڦهلاءُ ۽ شديد سماجي ورڇ سان عبارت آهي، پاڪستان انهن چئلينجز کان محفوظ نه آهي پر اسان بيوس به نه آهيون، اتحاد، حوصلي، تخليقي صلاحيت ۽ يقين سان اسان انهن مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. صدر چيو ته اڄڪلهه عالمي منظرنامو ناڻي واڌ، سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن، قرضن جي دٻاءُ، واپاري جنگين ۽ مستقبل جي ٽيڪنالاجيز تي چٽاڀيٽي سان جڙي رهيو آهي. هن چيو ته اها صورتحال معاشي خودمختياري کان انڪار بدران نظم ۽ ضبط، عوامي نعرن بدران پيداواريت کي مهميز ڏيڻ، بهانن بدران برآمدات ۽ پنهنجا نوازي بدران جامع ترقي جي گهُر ڪري ٿي. صدر چيو ته تعليم، صحت، نوجوانن، تخليقي شعبن، مصنوعي ذهانت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري اسان جي بقاءَ ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي هاڻي ڪو ڏورانهون خطرو ناهي رهي پر هڪ قومي سلامتي جو چئلينج بڻجي چڪي آهي. صدر چيو ته ٻوڏ، سوڪهڙو، پاڻي جي کوٽ ۽ شديد گرمي معمول بڻجي چڪا آهن، ماحولياتي نظام کي نقصانن جي ازالي سان گڏوگڏ اڳتي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي هر قسم جي انتهاپسندي کي رد ڪرڻو پوندو ۽ تشدد جي هر صورت سان لاتعلقي اختيار ڪرڻي پوندي، ڀلي مذهبي، نسلي، سياسي، نظرياتي، هٿياربند، فرقيواراڻي يا ڊيجيٽل هجي. هن چيو ته آئون پنهنجي داخلي سياسي صورتحال تي پڻ کلي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو، جمهوريت اختلاف راءِ تي ٻڌل آهي پر شائستگي ۽ ذميواري سان، سياسي اظهار کي رياستي ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار هجڻ گهرجي، ڪمزور ڪرڻ ۾ نه آهي. هن چيو ته آئون سمورين سياسي قوتن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي عوام جي بهتري جي لاءِ پارليامينٽ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته ڪو به سياسي مقصد دشمن قوتن جي هٿان استعمال نه ٿيڻ گهرجي جيڪو پاڪستان جي استحڪام کي نقصان پهچائڻ يا دهشتگردي جي سرپرستي ڪرڻ جي ويجهو آهي. صدر چيو ته هي وقت ماحول ۾ شدت ۽ حرارت پيدا ڪرڻ جو نه آهي پر روشني پيدا ڪرڻ جو آهي. هن چيو ته وفاق جي وحدت جي علامت جي طور تي قومي مفاهمت ۽ مصالحت جي عمل جي قيادت جي لاءِ تيار آهيان ته جيئن فاصلا گهٽ ڪيا وڃن، اعتماد بحال ٿئي ۽ سمورين جمهوري قوتن کي آئيني رستي تي واپس آندو وڃي. صدر چيو ته پاڪستان کي ڇڪتاڻ نه، تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته گذريل سال جي شروع ۾ پاڪستان کي هڪ سنگين سلامتي جي چئلينج کي منهن ڏيڻو پيو، عوام جي اتحاد ۽ اسان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت اسان جي خودمختياري جي دفاع کي يقيني بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ انتهائي ڀروسي جوڳو آهي، جيتوڻيڪ اسان امن جا خواهشمند آهيون پر ان کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. صدر چيو ته پاڪستان جي دفاع تي ڪو ٺاهه ممڪن نه آهي ۽ ڪنهن به وجودي خطري جو ڀرپور قومي عزم ۽ 25 ڪروڙ پاڪستانين جي طاقت سان جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته آئون ان ڳالهه تي به زور ڏيڻ چاهيان ٿو ته ڀارت پاران پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ نه رڳو هڪ عالمي طور تي مڃيل معاهدي پر عالمي قانون جي پڻ خلاف ورزي آهي. پاڪستان ان مسئلي کي سمورن ممڪن ذريعن سان اٿارڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. صدر چيو ته هن صديءَ جي ٻي چوٿائي جي شروعات تي اسان يوڪرين-روس جنگ سميت سمورن عالمي تڪرارن جي خاتمي جي اميد ڪريون ٿا. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا ۽ ان جي ان حق جي ڀرپور تائيد ڪريون ٿا ته هو هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست قائم ڪري جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هن دعا ڪئي ته هي نئون سال ڪاوڙ بدران تحمل، ورڇ بدران اتحاد ۽ مايوسي بدران اميد جي تجديد جو سال هجي.










