صدر آصف علي زرداري پاران جمهوريه ڪيوبا جي فتح جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه ڪيوبا جي فتح جي ڏهاڙي جي موقعي تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڪيوبا جي صدر ميگوئل ديازڪانيل برموديز ۽ ڪيوبا جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جمهوريه ڪيوبا جي فتح جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته …

اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه ڪيوبا جي فتح جي ڏهاڙي جي موقعي تي حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران ڪيوبا جي صدر ميگوئل ديازڪانيل برموديز ۽ ڪيوبا جي عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر جمهوريه ڪيوبا جي فتح جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، اهو تعلق اڪثر مشڪل ۽ آزمائش جي وقت ۾ ياد رکيو ۽ پرکيو وڃي ٿو. هن چيو ته ڪيوبا 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ غيرمعمولي يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، ڪيوبا 2400 کان وڌيڪ ڊاڪٽرن، نرسن ۽ طبي عملي کي پاڪستان موڪليو ۽ شديد متاثر علائقن ۾ 32 فيلڊ اسپتالون قائم ڪيون. صدر چيو ته اها هڪ عظيم انساني خدمت هئي جنهن کي پاڪستان اڄ به ٿورن جي جذبن سان ياد ڪري ٿو، اسان جي لاڳاپن جي هڪ نئين باب جي علامت جي طور تي ان بي لوث امداد ٻطرفي رابطن کي نئين سگهه ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ويجهي تعاون کي فروغ مليو. صدر آصف علي زرداري چيو ته سفارتي لاڳاپن جي 7 ڏهاڪن تي نظر وجهندي مون کي يقين آهي ته اسان پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهون ٿا ۽ عوام سان عوام جي رابطي کي سگهه ڏئي پنهنجي معاشرن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهون ٿا. هن چيو ته آئون ڪيوبا جي عوام جي لاءِ خوشحالي ۽ ترقي جي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو ۽ پنهنجي ان خواهش جو ورجاءُ ڪريان ٿو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي.

مزید خبریں