صدر آصف علي زرداري پاران جمهوريه سوڊان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد

اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه سوڊان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين ٽرانزيشنل سوورينٽي ڪائونسل عبدالفتاح البرهان جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي پاران جمهوريه سوڊان جي ڀائر عوام ۽ توهان کي آزادي جي ڏهاڙي جي خوشي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ …

اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جمهوريه سوڊان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي چيئرمين ٽرانزيشنل سوورينٽي ڪائونسل عبدالفتاح البرهان جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي پاران جمهوريه سوڊان جي ڀائر عوام ۽ توهان کي آزادي جي ڏهاڙي جي خوشي جي موقعي تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سوڊان جي وچ ۾ پراڻا خوشگوار لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل قدرن، گڏيل اسلامي ورثي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، اسان جا لاڳاپا اعتماد، تعاون ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي مسلسل حمايت سان عبارت آهن. هن چيو ته پاڪستان سوڊان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ هن مشڪل وقت ۾ سوڊان ۾ اتحاد، امن ۽ استحڪام جو حامي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان سوڊان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن بشمول سياسي رابطن، معاشي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام فائدو کڻي، اسان جو يقين آهي ته مسلسل مڪالمو ۽ تعاون علائقائي امن ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته آئون ان موقعي تي جمهوريه سوڊان جي لاءِ امن، استحڪام ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ توهان جي صحت ۽ سلامتي ۽ توهان جي ملڪ کي ترقي ۽ اڳڀرائي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو.

مزید خبریں