قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان ڍاڪا ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي مختصر ملاقات عالمي ميڊيا جي توجهه جو مرڪز رهي

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ڍاڪا ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي مختصر ملاقات عالمي ميڊيا جي توجهه جو سبب رهي. اها ملاقات ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضيا جي جنازي نماز جي موقعي تي ٿي. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان ظفر سلطان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته اسپيڪر ان وقت عالمي ميڊيا جو مرڪز بڻجي …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ڍاڪا ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جي مختصر ملاقات عالمي ميڊيا جي توجهه جو سبب رهي. اها ملاقات ڍاڪا ۾ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضيا جي جنازي نماز جي موقعي تي ٿي. قومي اسيمبليءَ جي ترجمان ظفر سلطان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي جو ذڪر ڪندي ٻُڌايو ته اسپيڪر ان وقت عالمي ميڊيا جو مرڪز بڻجي ويو، جڏهن ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر، اسپيڪر کي ڏسي پاڻ ساڻس ملڻ ويو ۽ انگريزيءَ ۾ چيو ته "Hi I’m j shankar & I recognise you”. اسيپڪر ان جي جواب ۾ چيو ته Thanks, I know you. ترجمان موجب حق جي ويڙهه کانپوءِ پاڪ- ڀارت اعليٰ قيادت جي اها مختصر ملاقات عالمي ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. ملاقات پاڪستان جي پارلياماني وقار ۽ سفارتي اهميت جي واضح عڪاسي آهي.

مزید خبریں