گهرو وزير محسن نقوي جو طلال چوڌريءَ سان گڏجي شاهين چؤڪ انڊر پاس منصوبي جو دؤرو

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ غير معمولي رفتار ۽ اعليٰ معيار جو نئون مثال قائم ڪندي شاهين چؤڪ انڊر پاس پراجيڪٽ کي رڪارڊ مُدت ۾ مڪمل ڪري ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. گهرو وزير محسن نقوي، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌريءَ سان منصوبي جو دؤرو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي منصوبي جي اعليٰ …

اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ غير معمولي رفتار ۽ اعليٰ معيار جو نئون مثال قائم ڪندي شاهين چؤڪ انڊر پاس پراجيڪٽ کي رڪارڊ مُدت ۾ مڪمل ڪري ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. گهرو وزير محسن نقوي، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌريءَ سان منصوبي جو دؤرو ڪيو ۽ تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي منصوبي جي اعليٰ معيار کي ساراهيو ۽ ان کي مقرر وقت کان پهرين مڪمل ڪرڻ تي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جي تعريف ڪندي کين مبارڪون ڏنيون. گهرو وزير اسلام آباد ۾ جاري ٻين ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ٻُڌايو ته هاڻ تائين وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ 15 ارب رپين جي لاڳت سان 18 اهم ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت جي ترجيح شهر جي تعمير ۽ ترقي آهي ۽ ايندڙ سال، پوئين سال جي ڀيٽ ۾ ٻيڻا ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا ويندا ته جيئن شهرين کي بهترين انفراسٽرڪچر فراهم ڪري سگهجي. شهر ۾ راندين جي سهولت جي حوالي سان ڳالهائيندي هن اعلان ڪيو ته اسلام آباد ۾ عالمي معيار جو هڪ خوبصورت ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تيار ڪيو ويندو. هن ٻُڌايو ته ان ميگا پراجيڪٽ لاءِ باقاعده اشتهار جاري ڪيا ويا آهن جيڪي اسلام آباد جي خوبصورتي ۽ راندين جي سرگرمين ۾ واڌ جو سبب بڻجندا. شهرين کي رليف فراهم ڪندي وفاقي وزير گاڏين تي ايم ٽيگ لڳائڻ جي آخري تاريخ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ جو به اعلان ڪيو. هن ٻُڌايو ته ان توسيع جي حوالي سان باقائده تفصيل ۽ اعلان مملڪتي وزير طلال چوڌري ڪندو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ان سهولت مان فائدو کڻي سگهن ۽ ٽريفڪ جي نظام ۾ رواني پيدا ٿي سگهي.

مزید خبریں