اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته صنعتي سرگرمين ۾ مسلسل واڌ ۽ ٽيڪسٽائل، آٽوموبائل، سيمنٽ ۽ فوڊ پروسيسنگ جهڙن اهم شعبن ۾ برقرار رهندڙ رفتار سبب پاڪستان جي معيشت بابت مجموعي معيشت جو مجموعي منظرنامو هميشه وانگر هاڪاري آهي، ڊسمبر ۾ ناڻي واڌ اعتدال ۾ رهڻ ۽ ان جي شرح اٽڪل 5.5 کان 6.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اميد آهي. اها ڳالهه …
معيشت جو مجموعي منظرنامو هميشه وانگر هاڪاري آهي، ڊسمبر ۾ ناڻي واڌ اعتدال ۾ رهڻ ۽ ان جي شرح اٽڪل 5.5 کان 6.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اميد آهي: ناڻي واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-31 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته صنعتي سرگرمين ۾ مسلسل واڌ ۽ ٽيڪسٽائل، آٽوموبائل، سيمنٽ ۽ فوڊ پروسيسنگ جهڙن اهم شعبن ۾ برقرار رهندڙ رفتار سبب پاڪستان جي معيشت بابت مجموعي معيشت جو مجموعي منظرنامو هميشه وانگر هاڪاري آهي، ڊسمبر ۾ ناڻي واڌ اعتدال ۾ رهڻ ۽ ان جي شرح اٽڪل 5.5 کان 6.5 سيڪڙو جي وچ ۾ رهڻ جي اميد آهي. اها ڳالهه ناڻي وزارت طرفان جاري ٿيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ ٿي آهي ۽ اميد آهي ته بحاليءَ جو هي سفر جاري رهندو. صنعتي چٽاڀيٽيءَ ۾ بهتريءَ لاءِ جاري ڍانچي جاتي سڌارن سان هي عمل بهتر انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. پرڏيهي محاذ تي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن مقرر هدف جي حدن ۾ رهڻ جي اميد آهي، جڏهن ته پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ مضبوط واڌ ۽ آءِ ٽي ۽ خدمتن واري شعبي جي روانگي واپار جي مستحڪم ڪارڪردگيءَ سان پرڏيهي دٻاءَ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته مالياتي استحڪام جي تسلسل سان ڪُلي معيشت جي استحڪام کي وڌيڪ تقويت ملڻ جي اميد آهي، جتي حڪومتي سطح تي خرچن جي اثرائتي انتظام، ٽيڪس وصولين ۾ بهتري ۽ ڍانچي جاتي سڌارا پائيدار معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. مجموعي طور تي اميد آهي ته ايندڙ مهينن ۾ پاڪستان جي معيشت پنهنجي هاڪاري رفتار برقرار رکندي جنهن جا نقطا صنعتي ترقي، بهتر طرزِ حڪمراني، ڊجيٽلائزيشن ۽ محتاط مائڪرو اڪنامڪ انتظام آهن. رپورٽ موجب جاري مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين پاران ڏيهه اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 16.14 ارب ڊالر هو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 14.76 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 9.3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نومبر ۾ سمنڊ پار پاڪستانين 3.188 ارب ڊالرن جو ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو ملڪ اُماڻيو جيڪو گذريل سال نومبر جي 2.915 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 9.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 12.8 ارب ڊالر ۽ آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 25.6 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 13.2 ارب ڊالر ۽ آمدني واپار جو ڳاڻيٽو 23 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. انگن اکرن موجب ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو خسارو 812 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 503 ملين ڊالر فاضل آهي. مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جو ڳاڻيٽو 927.4 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 1.242 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 25.3 سيڪڙو گهٽ آهي. 19 ڊسمبر 2025ع تي ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 21 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 20 ڊسمبر تي 16.4 ارب ڊالر هو. 30 ڊسمبر 25ع تي ايڪسچينج ريٽ 280.1 رپيا هو جيڪو گذريل سال ساڳئي مُدي تي 278.5 رپيا هو. ناڻي وزارت موجب مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 4.73 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 4.29 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 10.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. نومبر 25ع ۾ ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 898.7 ارب رپيا هو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مُدي جي 852.3 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 5.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين چئن ۾ نان ٽيڪس روينيو جو ڳاڻيٽو 3.309 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مُدي جي 3.192 ٽريلين رپين جي ڀيٽ ۾ 3.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو 1.323 ٽريلين رپيا رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳي مُدي ۾ 494.6 ارب رپيا هو. پرائمري بيلنس 3.544 ٽريلين رپيا رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي وزارت موجب مالي سال جي پهرين پنجن مهينن ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو عمومي اهڃاڻ (سي پي آءِ) 5 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان ئي مُدي ۾ 7.9 سيڪڙو هو. مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ جي شرح 5.2 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي. 30 ڊسمبر تي ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 174472 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال 30 ڊسمبر جي 115259 پوائنٽس جي ڀيٽ ۾ 52 سيڪڙو وڌيڪ آهي. 30 ڊسمبر تي مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 70.28 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيڪو گذريل سال جي ساڳئي مُدي جي 52.27 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 34.4 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ سالياني بنيادن تي 29 سيڪڙو جو اضافو ٿيو.










