اسلام آباد - 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفون …
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو، ٻطرفا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لازمي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بيان موجب انتهائي گرمجوش ۽ خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي لاءِ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي محبت، خلوص ۽ گرمجوشي تي سندس ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته تازن مهينن ۾ نئين بلندين تي پهچندڙ پراڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال ۽ موجوده اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مختلف چئلينجز جي ڏس ۾ مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي عرب سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ لازمي آهي. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ٽيليفونڪ رابطي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. هن ايندڙ سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.










